ايلون مسڪ ٽوئيٽر تي پنهنجو نالو تبديل ڪري مصيبت ۾ پئجي ويو

ايلون مسڪ ٽوئيٽر تي پنهنجو نالو تبديل ڪري مصيبت ۾ پئجي ويو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)سوشل ميڊيا سائيٽ ٽوئٽر جي سي اي او ايلون مسڪ ٽوئٽر تي پنهنجو نالو تبديل ڪرڻ بعد پريشاني ۾ پئجي ويو.اڄ ايلون مسڪ ٽوئيٽر تي پنهنجو نالو تبديل ڪري مسٽر ٽوئيٽ ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هو ان کي وڌيڪ تبديل نٿو ڪري سگهي.ٽوئيٽر تي ايلون مسڪ کلندي ايموجي استعمال ڪندي لکيو ته مون اڪائونٽ تي نالو تبديل ڪيو، هاڻي ٽوئٽر مون کي واپس تبديل ڪرڻ نه ڏيندو.رپورٽن مطابق ايلون مسڪ ان بابت 8 ڪلاڪ اڳ ٽوئيٽ ڪيو هو ۽ مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ تي سندس تبديل ٿيل نالو اڃا تائين نظر اچي رهيو آهي.ٽوئيٽر جي سربراهه طرفان هن پوسٽ تي ڪمنٽس سيڪشن ۾ دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو