اياز صادق جي تقرير مهل اسپيڪر ۽ حڪومت ڪٿي هئا؟ رانا

اياز صادق جي تقرير مهل اسپيڪر ۽ حڪومت ڪٿي هئا؟ رانا

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ رانا ثناءَ الله چيو آهي ته ڇا قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ننڊ پيو هو جو اياز صادق جي جُملن کي ڪاروائي مان حذف نه ڪيو؟ جيڪڏهن سندس موقف قابل اعتراض ۽ ملڪي مفاد خلاف هو ته سڄي اسمبلي مان ڪنهن جواب ڇو نه ڏنو؟ لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت اپوزيشن جي بيانن کي ڀارتي بيانيي سان ڳنڍڻ کانسواءِ ڪوبه ڪم نٿي ڪري، پارليامينٽ ۾ ڪيل ڳالهه کي ڪٿي به چئلينج نٿو ڪري سگهجي، قومي اسيمبلي ۾ اياز صادق ڳالهائي رهيو هو ته لفظ اڳتي پوئتي ٿي پئي سگهيا، اسپيڪر لفظن کي حذف ڪري ها ته اُهي شايع نه ٿين ها، ايوان ۾ موجود حڪومتي ٽيم به اعتراض نه واريو، نااهل ۽ نالائق حڪمرانن جو ٽولو انتقام جي مهم هلائي رهيو آهي. راڻا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي ته وزيراعظم آءِ جي جيلز کي گهرائي ڌمڪي ڏني ته شهباز ۽ حمزه شريف کي ڪي به سهولتون نه ڏيو، ٻي صورت ۾ توهان کي نه ڇڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو