عيد گفٽ، پيٽرول 14 رپيا 85 پئسا ۽ ڊيزل 13 رپيا 23  پئسا مهانگو

عيد گفٽ، پيٽرول 14 رپيا 85 پئسا ۽ ڊيزل 13 رپيا 23 پئسا مهانگو

اسلام آباد (بيورو) پيٽرول جي نئين قيمت ۾ 14 رپيا 85 پئسا في ليٽر واڌ ڪري 248.74 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 13 رپيا 23 پئسا واڌ ڪري 276.54 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا 68 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 226 رپيا 15 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي گاسليٽ جي قيمت ۾ 18 رپيا 83 پئسا ۽ نئين قيمت ۾ 230.26 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي پيٽروليم ليوي تي پيٽرول تي 10 رپيا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل تي 5 رپيا في ليٽر لاڳو ڪيو ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو