اوٻاوڙو(ن س) اوٻاوڙو سول ڪورٽ مان پوليس ڪسٽڊي ۾ آيل ٻه بدنام ڌاڙيل فرار ٿي ويا، گهوٽڪي پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، اوٻاوڙو جي سول ڪورٽ ۾ حاضري لاءِ آندل رانوتي جي ڪچي واري علائقي سان تعلق رکندڙ مبينا بدنام ڌاڙيل راهب شر ۽ موريو شر پوليس ڪسٽڊي دوران سول ڪورٽ مان فرار ٿي ويا. ٻنهي جوابدارن جي فرار ٿيڻ کانپوءِ گهوٽڪي پوليس انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو، جڏهن ته پوليس پاران فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ناڪابندي ۽ سرچ آپريشن شروع ڪرڻ جا اطلاع آهن. پوليس ذريعن موجب جوابدارن کي عدالت ۾ حاضري لاءِ آندو ويو هو، جتان پوليس جي تحويل دوران هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي کانپوءِ پوليس ڪورٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته جوابدارن جي فرار ٿيڻ بابت وڌيڪ جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي.










