ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 200 رپين جي پار ٿي ويو. ملڪ ۾ ڊالر جي اونچي اڏام ۽ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جا واقعا اڄ به جاري آهن.انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اڄ ڊالر 1.61 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي، جڏهن ته 11 اپريل کان وٺي ڊالر 17.07 رپيا مهانگو ٿي چڪو آهي. هلندڙ مالي سال ۾ ڊالر 42 رپيا مهانگو ٿيو آهي.










