ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي اوڳاڙي جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت اوچتو بلندي تي پهچي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر 5 رپيا 16 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.ڊالر 5 رپيا 16 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 290 رپيا ٿي وئي آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر 284 رپيا 84 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ به منفي ڪاروباري رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 48 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 41325 جي سطح تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 41 هزار 373 پوائنٽس تي بند ٿيو.










