ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي.ڪالهه ڪاروبار دوران انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ لاٿ جو سلسلو جاري رهيو ۽ ڪاروبار جي اختتام تي ڊالر 76 پئسا اضافي سان 283.80 رپيا تي بند ٿيو.اڄ خميس ڏينهن ڪاروبار جي شروعات ٿيندي ئي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي ۽ ڊالر 45 پئسا مهانگو ٿي 284 رپيا 25 پئسا ٿي ويو.ڪالهه اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 290 رپيا تي رهيو.










