ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر ڪڏهن مٿي ته ڪڏهن هيٺ لهي ٿو، ان لاٿ جي باوجود پاڪستاني رپيو پنهنجي قدر ۾ بهتري نه آڻي سگهيو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 8 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد ڊالر 260 رپيا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 259 رپيا 92 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ اڄ منفي واپاري ڏينهن رهيو جتي 100 انڊيڪس 273 پوائنٽن جي گهٽتائي ڪئي.پي ايس ايڪس بينچ مارڪ 100 انڊيڪس هن گهٽتائي کانپوءِ واپار جي بند ٿيڻ تي 40,510 پوائنٽس تي بند ٿيو.ڪاروباري ڏينهن دوران هينڊريڊ انڊيڪس 410 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو.اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڄ 5 ارب 64 ڪروڙ رپين جي 12.63 ملين شيئرز جا سودا ٿيا.اهڙي طرح مارڪيٽ سرمائيداري 44 ارب رپين جي گهٽتائي سان 6 هزار 272 ارب رپيا ٿي وئي آهي.










