انفنيڪس پاران پهريون فائيو جي فون پاڪستان ۾ متعارف

انفنيڪس پاران پهريون فائيو جي فون پاڪستان ۾ متعارف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)انفنيڪس پنهنجو پهريون فائيو جي 5G فون پاڪستان ۾ وڪري لاءِ لانچ ڪري ڇڏيو آهي. Infinix Zero پڻ ڪمپني جو پهريون 5G فون آهي، جيڪا هڪ هڪ اهم پيش رفت آهي. نئون فون ميڊيا ٽيڪ جي ڊائمنشن 900 پروسيسر سان هلندڙ آهي ۽ 2021 جي اوپو فائنڊ ايڪس 3 پرو جي ڊيزائن جهڙو آهي. ڪمپنيءَ فون جي ڊيزائن کي يوني ڪرو (UniCro) ڊب ڪيو آهي، جنهن ۾ فائنڊ ايڪس پرو وانگر ريئر ڪيمرا سيٽ اپ آهي. فون هڪ وڏي 6.78 انچ LCD ڊسپلي سان مڪمل HD پلس ريزوليوشن ۽ 120 هرٽز ريفريش ريٽ سپورٽ سان گڏ آهي. ڊسپلي ۾ هڪ 16 ميگا پڪسل ڪيمرا آهي جنهن ۾ پنچ هول ڊيزائن آهي. فون 8 GB ريم ۽ 128 GB اسٽوريج سان ليس آهي، جنهن کي مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. زيرو 5G 5000 mAh جي بيٽري سان گڏ اچي ٿو 33 واٽ جي فاسٽ چارجنگ سپورٽ ۽ HeatPit جي گرمي پد ڪنٽرول سان به هي فون ليس آهي. ڪمپني پنهنجي XOS10 سان Android 11 آپريٽنگ سسٽم کي ضم ڪيو آهي.فون جي پوئين حصي ۾ 3 ڪيمرا جو سيٽ اپ آهي 48 ميگا پڪسل مين ڪيمرا سان گڏ 13 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو (2x زوم سپورٽ) ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سينسر ڪئميرا ۾ ڏنل آهي. هي فون پاڪستان ۾ 49,999 روپين ۾ دستياب هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو