لاهور (ويب ڊيسڪ)امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ سميت اليڪشن ۾ اسان سان ناانصافي ڪئي وئي، انصاف ڏيارڻ وارن جو دروازو کڙڪائينداسين. منصوره لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته اسان جو چوڻ هو ته اليڪشن جعلي آهي ۽ جيڪا حڪومت ٺاهيندي اها به جعلي هوندي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي سفارش تي اهڙي شخص کي ناڻي وارو وزير بڻايو ويو جيڪو اڳ ئي چونڊجي چڪو هو، جيڪڏهن معيشت کي ٺيڪ ڪرڻو آهي ته سود، غير ترقياتي فنڊ ۽ آءِ پي پيز جا معاهدا ختم ڪيا وڃن. پاڪستان ۽ عالم اسلام غزه ۾ جنگ بندي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اسرائيلي شين جو بائيڪاٽ ڪن. هن وڌيڪ چيو ته هو چوڪن ۽ چوراهن ۾ احتجاج ڪندا، مظلومن سان گڏ بيهندا، غزه تي عالم اسلام جي بي حسي مجرمانه خاموشي آهي.










