ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي شهر بلخ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا.پرڏيهي خابرو اداري موجب اڱاري جي صبح اتر افغانستان جي شهر بلخ ۾ هڪ آئل ڪمپني جي ملازمن کي کڻي ويندڙ گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.پوليس ترجمان موجب واقعو اڱاري جي صبح 7 وڳي پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.نيوز ايجنسي موجب فوري طور تي ڪنهن به تنظيم ڌماڪي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.










