اعجاز مهر جي چاچي جي وفات تي ايم پي اي غزاله سيال جي فاتحه

اعجاز مهر جي چاچي جي وفات تي ايم پي اي غزاله سيال جي فاتحه

عادلپور (ن س) پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ميڊم غزاله سيال پنهنجي ور عبدالمومن ميمڻ سان گڏ سينئر صحافي اعجاز مهر جي چاچي، سوئي سدرن گيس جي ملازم عبدالرسول مهر، ڊي سي آفس سکر ۾ بينوولينٽ فنڊ برانچ جي انچارج نور حسن مهر ۽ عبدالوحيد مهر جي والد جي وفات تي سندن ڳوٺ عارب مهر پهچي فاتحه ڪئي. مرحوم گل حسن مهر 74 سالن جي ڄمار ۾ ٿورو وقت بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ 11 فيبروري تي فوت ٿي ويو هو. مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو