نوابشاهه (ن سنڌيار)ڊويزنل اسپورٽس فيسٽيول ۾راندين جا شاندار مقابلا جاري پھرين ڏينھن جي مقابلن ۾شھيد بينظيرآباد جي اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جون ٽيمون اڳ ڀريون، شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي ٽنھي ضلعن شھيد بينظيرآباد، سانگھڙ ۽ نوشھروفيروز جي ھاء اسڪول ۽ ڪاليج جي ٽيمن درميان ٿيل پھرين ڏينھن جي مقابلن ۾ ڪرڪيٽ،فٽ بال، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس،ونجھ وٽي،ٽگ آف وار،ٿرو بال،100 ميٽر ريس، ريلي ريس ۽ جمپنگ جا مقابلا بلاول اسپورٽس ڪمپليڪس نوابشاهه ۾منعقد ٿيا جنھن ۾شھيد بينظيرآباد جي اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن جي ٽيمن پاران ڪرڪيٽ،ٽگ آف وار،ٿرو بال،ھڪ سو ميٽر ريس، لانگ جمپ ۽ شاگردياڻين جي ٽيمن ونجھ وٽي،ٽگ آف وار،ٿرو بال،ھڪ سو ميٽر ريس،ريلي ريس ۽ لانگ جمپ جا مقابلا پنھنجي نالي ڪيا جڏھن ته ضلعي سانگھڙ جي شاگردن جي ٽيمن فٽ بال،ٽيبل ٽينس، ونجھ وٽي ۽ ريلي ريس ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ضلعي نوشهرو فيروز جي شاگردياڻين جي ٽيم صرف ٽيبل ٽينس ۾ ڪاميابي ماڻي سگھي.










