اسماعيل راهو جو بچت بازار جو دورو

اسماعيل راهو جو بچت بازار جو دورو

بدين (ن س )صوبائي وزير سنڌ جامعات بورڊ ۽ ماحوليات محمد اسماعيل راهو ۽ ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح بدين شهر ۾ سنڌ حڪومت پاران لڳندڙ بچت بازار جو دورو ڪيو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان اي ڊي سي ون نجيب الرحمان جمالي اسسٽنٽ ڪمشنر بدين ماجد الطاف مختيارڪار بدين محمد عمر ميمڻ پڻ ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير بچت بازار ۾ لڳندڙ اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ اگھ معلوم ڪري سامان جي چڪاس پڻ ڪئي ۽ بازار ۾ موجود خريدارن کان پڻ بازار متعلق حال اوريا صوبائي وزير بچت بازار ۾ موجود سامان ۽ اگھن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت اٽي جي سبسڊي لاءِ 15 ارب رپيا ڏئي رهي آهي اهي پيسا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تحت 78 لک رجسٽرڊ خاندانن کي 2 ھزار روپيا في خاندان ڏنا ويندا هن چيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پرائس ڪنٽرول ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جو عملو گهٽ آهي تنهنڪري سنڌ حڪومت ٻين کاتن جي عملدارن کي انسپيڪٽر پرائس ڪنٽرول جا اختيارات ڏنا آهن ته جيئن مھانگائي تي ظابطو آڻي سگهجي بچت بازار قائم ڪرڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته ماڻهن کي سستو سامان مهيا ڪيو وڃي ۽ منافع خورن جو خاتمو آڻي سگهجي هن چيو ته ڪوشش آهي ته بازار کي لاڳيتو کليل رکون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو