اسماءِ پاران 60 سالن کانپوءِ مڙسن جي بدلجندڙ ورتاءُ  تي خيالن جو اظهار

اسماءِ پاران 60 سالن کانپوءِ مڙسن جي بدلجندڙ ورتاءُ تي خيالن جو اظهار

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني سينيئر اداڪاره اسماءِ عباس هڪ خاص عمر کانپوءِ مڙسن پاران پنهنجي زالن سان سردمهري ۽ بي رخي اختيار ڪرڻ واري رجحان تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. اسماءِ عباس پنهنجي وي لاگز (Vlogs) ۾ اڪثر سماجي مسئلن ۽ انساني رويي تي کھلئي نموني ڳالهائيندي آهي. هڪ تازي وي لاگ ۾ هن 60 سالن جي عمر کانپوءِ مڙسن جي بدلجندڙ ورتاءُ تي ڳالهايو ۽ چيو ته “مڙس 60 سالن کانپوءِ کلي ڪري ڳالهه ٻولهه ناهن ڪندا، پنهنجن جذباتن جو اظهار ناهن ڪندا ۽ پنهنجي زالن کي نظرانداز ڪندا آهن، جڏهن ته عورتون ان عمر ۾ به باشعور هونديون آهن. ان حوالي سان هن چيو ته “مڙس ڳالهائين ناهن، منهنجي مراد اها ناهي ته هو ٻولي نٿا ڄاڻن، پر هو پنهنجي زالن سان جذباتي طور تي رابطو قائم ناهن رکندا. هو اهو به ناهن چوندا ته ‘اهو لباس توهان تي سٺو پيو لڳي’ يا ‘اڄ توهان تمام خوبصورت پيون لڳو’. هو اهڙي ڪا به ڳالهه ناهن ڪندا جنهن مان عورت کي محسوس ٿئي ته مڙس ۽ زال جي وچ ۾ محبت اڃا تائين برقرار آهي.هن وڌيڪ چيو ته “ڇا 40 يا 50 سالن جي عمر کانپوءِ سنجيدو ٿي وڃڻ ۽ هر وقت صرف مسئلن جو ئي ذڪر ڪرڻ ضروري آهي؟ ان طريقي سان مرد تمام گهڻا بور (بيزار) ٿي ويندا آهن. منهنجي خيال ۾ تقريبن 85 سيڪڙو مرد اهڙا ئي هوندا آهن. اسماءِ عباس موجب، “ڪيترائي مرد ٻين جي ٻارن تي تنقيد ڪندا آهن، پر پنهنجي ٻارن جي هميشه تعريف ڪندا رهندا آهن. جيتوڻيڪ هر ٻار سٺو ناهي هوندو، دنيا ۾ اهڙا به ٻار آهن جيڪي پنهنجي والدين کي قتل ڪري ڇڏيندا آهن يا کين گهر مان ڪڍي ڇڏيندا آهن، پر مرد پنهنجي اولاد جي محبت ۾ انڌا ٿي ويندا آهن. هن چيو ته “هڪ مشهور چوڻي آهي ته مردن کي ٻين جون زالون ۽ پنهنجي اولاد پسند هوندي آهي. اڳي معاشري ۾ وڏي عمر جي عورتن کي مثال بڻائي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو هو، پر هاڻي انهن جي جڳهه وڏي عمر جي مردن وٺي ڇڏي آهي. هو هر وقت غير ضروري ڳالهيون ڪندا رهندا آهن ۽ ٻين کي پريشان ڪندا آهن. اسماءِ عباس جو چوڻ آهي ته “مردن جي دلچسپي پنهنجي زالن جي بجاءِ سياست، مهنگائي ۽ ٻين معاملن ۾ وڌيڪ هوندي آهي، جڏهن ته عورتون عمر گذرڻ جي باوجود پنهنجي مڙسن کي پهرين وانگر ئي توجهه ڏينديون آهن. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته “جڏهن عورتون تيار ٿي ٻاهر وينديون آهن ته ماڻهو سندن تعريف ڪندا آهن، پر سندن پنهنجا مڙس اڪثر هڪ تعريفي جملو چوڻ به ضروري ناهن سمجهندا. ان ڪري ئي عورتون سهيليون ٺاهينديون آهن، انهن سان گهمنديون ڦرنديون آهن ۽ زندگيءَ مان لطف اندوز ٿينديون آهن. مان مردن کان شڪايت ناهيان ڪري رهي پر اهي ڳالهيون ان ڪري پئي ڪريان ته شايد ڪو مرد منهنجي ڳالهه ٻڌي تبديل ٿي وڃي.”

پهنجو تبصرو موڪليو