ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاع آهن ته ڊفينس ۾ مارجي ويل اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ جو قاتل بلوچستان فرار ٿي ويو آهي.پوليس ذريعن موجب قتل ڪيس ۾ حراست ۾ ورتل 4 ڄڻن ۾ جوابدار جا 2 ويجها مائٽ به شامل آهن، جڏهن ته گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ قتل ۾ ملوث جوابدار جو موبائل فون بند ڪيو ويو هو.پوليس ذريعن موجب واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪار کي به ٽريس ڪيو ويو آهي، دهشتگردي ۾ استعمال ٿيل ڪار جي حقيقي نمبر پليٽ لڳل هئي، ڪار جي مدد سان ممڪنه جوابدارن کي ڳولي لڌو ويو.ذريعن موجب ڪار 2008ع ۾ رجسٽرڊ ٿي هئي، جيڪا بعد ۾ ڪيترائي ڀيرا وڪرو ڪئي وئي، پر خريد ڪندڙن نالو منتقل نه ڪيو ۽ ڪار ڪراچي ۾ کليل خط تي هلندي رهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ دوران پوليس هڪ ٻئي پٺيان ڪار جي مالڪ تائين پهتي ۽ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو ويو، پر جاچ آفيسر جي پهچڻ کان اڳ ئي مرڪزي جوابدار فرار ٿي ويو هو.










