اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت ۾ عمران خان جي پيشي تي هنگامن ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس سي ٽي ڊي ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ دهشتگردي سوڌو 10 کان وڌيڪ ڏوهن جا قلم شامل ڪيا ويا آهن داخل ڪيل دهشتگردي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جا 50 کان وڌيڪ ڪارڪن ۽ اڳواڻ جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن، مراد سعيد، عامر ڪياني، علي امين گنڊاپور، شبلي فراز، اسد عمر، علي اعواڻ ۽ عمر ايوب سوڌو 17 اڳواڻ جوابدارن ۾ شامل آهن ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته هنگامن دوران پوليس چيڪ پوسٽ کي نقصان پهچائڻ سان گڏ جڊيشل ڪمپليڪس جا در ۽ شيشا ٽوڙيا ويا، پوليس جي ٻن گاڏين ۽ 7 موٽر سائيڪلن کي باهه ڏني وئي اسلام آباد پوليس نقصان جا تفصيل جاري ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن پٿراءُ سان گڏ ٽيئر گئس گنز سان شيل فائر ڪيا ۽ پيٽرول بمن سان حملا ڪيا، پُرتشدد حملن دوران 53 آفيسر ۽ اهلڪار زخمي ٿي پيا، 12 گاڏين کي نقصان پهچايو ويو










