اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) قانون ۽ انصاف واري وزارت اربع ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ (IHC) جي ٽن ججن جي ٻين هاءِ ڪورٽن ڏانهن بدلي بابت آئين جي آرٽيڪل 200 تحت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي۔
هي پيش رفت هڪ ڏينهن پوءِ سامهون آئي جڏهن جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان (JCP) اسلم آباد هاءِ ڪورٽ مان ٽن ججن جي ٻين عدالتن ڏانهن بدلي جي منظوري ڏني، جنهن تي بار ڪائونسلز سخت تنقيد ڪندي چيو ته ان ۾ شفافيت ۽ هڪجهڙا معيار نظر نٿا اچن۔
وزارت طرفان اربع ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، صدر JCP جي سفارش تي جسٽس محسن اختر ڪياني کي لاهور هاءِ ڪورٽ، جسٽس بابر ستار کي پشاور هاءِ ڪورٽ، ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز کي سنڌ هاءِ ڪورٽ منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي۔
وزيراعظم آفيس ڏانهن 29 اپريل تي موڪليل هڪ الڳ سمري ۾ پڻ تصديق ڪئي وئي ته JCP پنهنجي 28 اپريل واري اجلاس ۾ مجموعي ميمبرن جي اڪثريت سان انهن بدلين جي سفارش ڪئي هئي۔
آئين جي آرٽيڪل 200 جي شق (1) تحت، صدر JCP جي سفارش تي هڪ هاءِ ڪورٽ جي جج کي ٻئي هاءِ ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪري سگهي ٿو۔ شق (2) موجب، منتقل ٿيل جج جي سينيارٽي سندس ابتدائي مقرري جي تاريخ کان ڳڻي ويندي۔
تنهن هوندي به، انهن بدلين تي گادي واري شهر جي قانوني ادارن طرفان سخت ردعمل ڏنو ويو آهي۔
اسلام آباد بار ڪائونسل (IBC) اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هنن بدلين جو “سنجيده نوٽيس” ورتو آهي، جيڪي سندن چوڻ موجب شفافيت کان خالي لڳن ٿيون ۽ بدنيتي (mala fide) جا خدشا پيدا ڪن ٿيون۔
ڪائونسل مطالبو ڪيو ته IHC ۽ ماتحت عدالتن جي ججن لاءِ هڪ “منظم، باقاعده ۽ سڀني تي لاڳو ٿيندڙ روٽيشن پاليسي” تيار ڪئي وڃي، جيڪا هڪجهڙن معيارن تي ٻڌل هجي۔










