اسرائيل کي توبه ڪرڻي پوندي، حنيه جي قتل جو بدلو وٺبو: ايران

اسرائيل کي توبه ڪرڻي پوندي، حنيه جي قتل جو بدلو وٺبو: ايران

تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني فوج جي چيف آف اسٽاف ميجر جنرل باقري جو چوڻ آهي ته ايران اسماعيل هنيه جي قتل جو بدلو وٺڻ جي طريقي جو جائزو وٺي رهيو آهي.ميجر جنرل باقري چيو ته ڪيترائي قدم کڻڻا پوندا، اسرائيل کي توبه ڪرڻي پوندي، اسماعيل هنيه جي شهادت جو بدلو ورتو ويندو.ان کان اڳ آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي هئي ته اسماعيل هنيه جي شهادت کانپوءِ ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ آيت الله خامنه اي اسرائيل تي سڌي ريت حملي جو حڪم ڏنو هو.واضح رهي ته حماس جو سربراهه اسماعيل هنيه 31 جولاءِ تي ايران جي راڄڌاني تهران ۾ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو.غزه ۾ 7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري اسرائيلي جارحيت ۾ اسماعيل هنيه جي ڀيڻ، پٽ ۽ پوٽا سميت ڪيترائي خاندان شهيد ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو