اسحاق ڊار کي نااهل ڪرائڻ واري درخواست واپس

اسحاق ڊار کي نااهل ڪرائڻ واري درخواست واپس

اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ درخواستگذار ن ليگ اڳواڻ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي نااهلي لاءِ داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار اسحاق ڊار خلاف داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي.اليڪشن ڪميشن ميمبر ڪي پي ڪي جو چوڻ هو ته ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو، اسحاق ڊار جي درخواست تي ڪيس بحال ڪيو.درخواستگذار جي وڪيل اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته اسان هاڻي هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ چاهيون ٿا.اليڪشن ڪميشن معاون وڪيل کي لکت ۾ بيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو