اسحاق ڊار ڊيفاميشن ڪيس کٽي ويو، ٽي وي چينل جي معافي

اسحاق ڊار ڊيفاميشن ڪيس کٽي ويو، ٽي وي چينل جي معافي

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وفاقي وزير اسحاق ڊار برطانوي هاءِ ڪورٽ ۾ ساک کي ڌچڪو رسائڻ جو ڪيس کٽي ويو، اسحاق ڊار اين وي ٽي وي خلاف لنڊن هاءِ ڪورٽ ۾ بدناموسي واري قانون هيٺ دعويٰ داخل ڪئي هئي. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ اسحاق ڊار تي مني لانڊرنگ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جا الزام هنيا ويا هئا، پاڪستاني نجي ٽي وي چئنل جو مواد هلائيندڙ برطانوي ڪمپني نيو ويزن ٽي وي اسحاق ڊار کان لکت ۾ معافي وٺي ڇڏيو. معافي نامي ۾ ٽي وي چئنل اعتراف ڪيو ته 8 جولاءِ 2019ع تي پروگرام ۾ اسحاق ڊار مٿان لڳايل الزام بي بنياد هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو