اسحاق ڊار جا پير ڪڍندڙن کي پارٽي ۾ رهڻ جو ڪو حق ناهي

اسحاق ڊار جا پير ڪڍندڙن کي پارٽي ۾ رهڻ جو ڪو حق ناهي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسحاق ڊار جا پير ڪڍندڙن کي پارٽي ۾ رهڻ جو ڪو حق ناهي. جنرل ڪائونسل اجلاس سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مان جنرل ڪائونسل جو اجلاس ڪيترائي ڀيرا ملتوي ڪرايو، ڇو ته مان ان انتظار ۾ هيس ته نواز شريف پاڪستان ايندو ۽ مان اها ذميواري سندس حوالي ڪندس، چونڊن جي تلوار ٽنگيل هئي تنهن ڪري اجلاس گهرائڻو پيو، هيءَ جيڪا پڳ توهان مون کي پارائي آهي، اها نواز شريف جي امانت آهي ۽ جڏهن نواز شريف ايندو ته پارٽي صدارت سندس حوالي ڪندس. هن چيو ته نواز شريف پاڪستان جي ترقي جو معمار آهي، دعا آهي ته نواز شريف اچي ۽ چونڊ وڙهي، چوٿون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم چونڊجي. سندس چوڻ هو ته اسحاق ڊار ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ رات ڏينهن محنت ڪري رهيو آهي، اسان جي پارٽي سياست نه رياست بچائي، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو واڌ وڏو فيصلو هو، آءِ ايم ايف ۾ اڄ به اسان جا سڱ ڦاٿل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو