دادو(ن سنڌيار) دادو ۾ اين سي ايڇ ڊي ۽ بيسڪ ايجوڪيشن جي ميل ۽ فيميل استادن کي 11 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف خزانه آفيس جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هيون ويو مظاهرين محرم مغيري، آپا صغران چنا، محمد انعام انڙ، نصرت عباسي، ارسلان نواز شيخ، شاهد آرائين، رضوانه آرائين، افشان ڪورائي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان دادو ضلع جا 210 ميل ۽ فيميل استادن کي11 مهينن کان پگهارون ناهن مليون جنهن سبب اسان فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، حڪومت اسان استادن لاء پگهارون جاري ڪرڻ جا حڪم ڏنا پر دادو خزانه آفيس پاران پگهارون جاري ناهن ڪيون جنهن سبب اسان استاد روڊن تي اچي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون، ٽريزري آفيس جي عملدارن پاران ڪجھ استادن جي آء ڊي درست نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي 200 کان وڌيڪ ميل فيميل استان جون پگهارون روڪيون ويون آهن، اسين ضلع دادو جي چئني تعلقن جا استاد هن سخت گرمي ۾ ڊيوٽيون سرانجام ڏيڻ باوجود مجبورن پنهنجون پگهارن جي حاصلات لاء نٽھڻ اس ۾ سراپا احتجاج بڻيل آهيون ،جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ اين سي ايڇ ڊي ۽ بيسڪ ايجوڪيشن جي استادن جو پگهارون جاري ڪيو ويون آهن صرف دادو جي استادن کي پگهارون جاري نه ٿيون ڪيون وڃن، مظاهرين چتاء ڏيندي چيو ته جيستائين پگهارون جاري نه ٿينديون ان وقت تائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.










