استاد ڏيو، ٻارن جي تعليم تباهه آهي، ڳوٺاڻن جو احتجاج

استاد ڏيو، ٻارن جي تعليم تباهه آهي، ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ)تنگواڻي جي ڳوٺ قلاتي خان جعفري جي اسڪول ۾ گذريل ڏهه سالن کان استاد مقرر نه ٿي سگهيو استاد جي مقرري لاء ڳوٺاڻن ۽ شاگردن پاران گڏيل طور احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي ڳوٺاڻن عبدالحميد جعفري محمد صديق حاجي ربنواز ۽ عبدالرحمان جعفري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي اسڪول ۾ 2013کان وٺي استاد مقرر نه آھي جنهن جي ڪري ڳوٺ جي سوين شاگردن جو مستقبل داء تي لڳل آھي هنن ٻڌايو اسان تعليم کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي لکت ۾ استادن جي مقرري لاء درخواستون ڪيون پر پوء به استاد مقرر نه ٿي سگهيو ڳوٺاڻن سنڌ جي وزير تعليم سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري ڏنو وڃي ته معصوم تعليم جي زيور سان مالا مال ٿي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو