اسان گهوٽڪي ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪيا آھن:ڄام اڪرام

اسان گهوٽڪي ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪيا آھن:ڄام اڪرام

گهوٽڪي (ن سنڌيار) گھوٽڪي ۾ ميمڻ برادري پاران صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو جي مان ۾ آجياڻو، صوبائي وزير پاران ميمڻ محلا ۾ سي سي پيور روڊ ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ جو اعلان، خبر موجب ته گهوٽڪي جي ميمڻ محلا ۾ ميمڻ برادري جي وڏيري محمد بخش ميمڻ، نظير، ربنواز، غلام مصطفي، شبير، محمدنواز، اعجاز ميمڻ ۽ محمد ملوڪ ڪولاچي پاران صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو جي آجياڻو ڏنو جنهن ۾ صوبائي وزير ڄام اڪراماڍ الله ڌاريجو،ڄام آصف رزاق ڌاريجو،سڪندر علي لاکو محمد اسماعيل ڌاندو، حاجي سليم الله ڪلوڙ بگن ڪلادي،سيد رضوان شاه،راڻا مشتاق رئس اڪبر ڌايو ۽ ٻين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته ميمڻ محلا ۾ سي سي پيور روڊ ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيان ٿو هن وڌيڪ پڻ چيو ته اسان گهوٽڪي ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪريا آھن هن وقت به مختلف جائن تي سي سي پيور روڊ ۽ ڊرينيج سسٽم ۽ ٻين ڪم جو ڄار وڇايو آھي جيئن گهوٽڪي شھر خوبصورت نظر اچي پروگرام جي آخر ۾ آيل سڀني مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو