حج جي تصويرن ۽ وڊيوز تي تنقيد ڪندڙن کي الله هدايت ڏي

حج جي تصويرن ۽ وڊيوز تي تنقيد ڪندڙن کي الله هدايت ڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني اداڪارا ۽ مارننگ شو جي ميزبان ندا ياسر جو چوڻ آهي ته اسان جي حج جي وڊيوز ۽ تصويرن تي تنقيد ڪندڙن کي الله هدايت ڏي.ندا ياسر ۽ ياسر نواز تازو ئي حج جي سعادت حاصل ڪئي ۽ ان دوران ٻئي انسٽاگرام تي سرگرم آهن، ڪيتريون ئي وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪري رهيا آهن ۽ يوٽيوب تي ويلاگ به پوسٽ ڪري رهيا آهن.وڊيوز ڏسڻ کانپوءِ ڪيترن ئي سوشل ميڊيا صارفين جوڙي کي تنقيد جو نشانو بڻايو، جنهن تي ندا ۽ ياسر مارننگ شو جي سيٽ تي ٺاهيل ويلاگ ۾ جواب ڏنو.ندا ياسر پنهنجي مڙس جي سوال تي تنقيد ڪندڙن لاءِ هدايت جي دعا ڪندي چيو ته منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ ٽرولرز کي هدايت ڏئي ته اهي تصويرن مان ڪجهه سکن ۽ پنهنجو ضروري ڪم ڇڏي اهو ضروري ڪم ڪن.ٻئي طرف ياسر نواز چيو ته جنهن کي چوڻو آهي ته هو اسان بابت ڇا چوڻ چاهين ٿا، ان سان اسان کي فرق نٿو پوي، اسان کي خبر آهي يا اسان جو الله ڄاڻي، عبادتون اسان ڪيون آهن.اسان جيڪي چڱا ڪم ڪريون ٿا سي اسان جا ۽ الله جا معاملا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو