اداڪاره زهرا عامر جاڙن ٻارن جي پيدائش جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي

اداڪاره زهرا عامر جاڙن ٻارن جي پيدائش جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي

ڪراچي(شوبزنيوز)پاڪستاني اداڪاره زهرا عامر جاڙين پٽن کي جنم ڏنو آهي. زهرا عامر گذريل مهيني ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته هوءَ جاڙا ٻار پيدا ڪري رهي آهي، اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ چيو هو ته اسان جلد هڪ نه پر ٻن ٻارن جا والدين ٿيڻ وارا آهيون ۽ سندس خوشي کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ناممڪن آهي. هاڻ اداڪارا انسٽاگرام تي پنهنجي خوشي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هوءَ جڙيل پٽن جي ماءُ بڻجي وئي آهي. اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ هڪ تصوير به شيئر ڪئي جنهن ۾ ٻنهي نياڻين کي ڏسي سگهجي ٿو. زهرا عامر جا ٻار ڪولمبيا جي هاورڊ ڪائونٽي جنرل اسپتال ۾ پيدا ٿيا.واضح رهي ته زهرا عامر گذريل سال انڪشاف ڪيو هو ته سندن شادي آگسٽ 2020 ۾ ٿي هئي. زهرا ڊرامي ”فتور“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي جڏهن ته اداڪارا جيو ٽي وي جي ڊرامي ”بدعت“ ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو