اداڪارا ڪومل مير قانون جي ڊگري حاصل ڪري ورتي

اداڪارا ڪومل مير قانون جي ڊگري حاصل ڪري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ڪومل مير قانون جي ڊگري حاصل ڪري ورتي آهي.ڪومل مير فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي لنڊن مان پنهنجي ڪانووڪيشن تقريب جون ڪجهه وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪيون آهن.انهن وڊيوز ۽ تصويرن کي شيئر ڪندي هن ڪيپشن ۾ لکيو ته مون گريجوئيشن ڪئي آهي! اداڪارا وڌيڪ لکيو، “اهو آسان نه هو پر ڪڏهن به پنهنجي والدين جي خوابن کي نظرانداز نه ڪريو، ڪومل مير جي پوسٽ کي سندس قانون جي ڊگري تي مداحن ۽ شوبز انڊسٽري جي مشهور شخصيتن طرفان پڻ مبارڪباد ڏني پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو