ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار جنيد خان هن وقت تائين ٽيلي ويزن جي ڪيترن ئي بهترين ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي پر اداڪار هن مهل تائين ڪنهن به فلم ۾ ڪم ناهي ڪيو. گذريل ڏينهن جنيد خان هڪ انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو ته هو هڪ فلم تي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪا ايندڙ سال 2020 ۾ رليز ٿيندي. ان کان اڳ سيپٽمبر ۾ به جنيد خان هڪ انٽرويو دوران اعلان ڪيو هو ته هو ڪهي دل جدهر نالي فلم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ منشا پاشا به مرڪزي ڪردار نڀائيندي نظر ايندي. فلم ڪهي دل جدهر هڪ رومانوي ۽ ايڪشن ڪهاڻي جو ميلاپ آهي اداڪار جنيد خان پهريون ڀيرو سلور اسڪرين تي ظاهر ٿيندو. هن هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته مون کي بي شمار فلمن جي آفر ٿي آهي ليڪن ان مان هڪ فلم منهنجي دل کي وڻي آهي. فلم جو پروڊيوسر ۽ اسڪرپٽ ليکڪ ڪامران باري آهي جڏهن ته ٻين اداڪارن ۾ ساجد حسين به شامل آهي. فلم جي ريليز ٿيڻ جي حوالي سان هن مهل تائين تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو پر ايندڙ سال اها فلم سينمائن جي زينت بڻجندي.










