اسلام آباد(بيورو)وفاقي حڪومت وزيراعظم هائوس مان آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جوائنٽ انٽروگيشن ٽيم (جي آءِ ٽي) ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب وفاقي حڪومت وزيراعظم هائوس مان آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.گهرو وزارت جي ذريعن موجب جي آءِ ٽي جاچ ڪندي ته ڊيٽا هيڪ ڪئي وئي يا ڪنهن چوري ڪري وڪرو ڪئي. ان کان علاوه اهو به معلوم ٿيندو ته ڊيٽا هيڪ ڪئي وئي آهي يا چوري ڪئي وئي آهي ۽ ڪنهن کي وڪرو ڪيو ويو آهي. جي آءِ ٽي کي وزيراعظم هائوس جي عملي کي شامل ڪري جاچ ڪرڻ جو اختيار هوندو.جاچ ٽيم وزيراعظم هائوس جي پرماننٽ ڊائريڪٽوريٽ کي جاچ ۾ آڻيندي ۽ 6 مهينن کان وزيراعظم هائوس سيڪريٽريٽ ۾ مقرر اسپيشل برانچ جي اهلڪارن کان به جاچ ڪئي ويندي.










