آپريشن جون تياريون مڪمل، پهرين اڏام 18 اپريل تي رواني ٿيندي

آپريشن جون تياريون مڪمل، پهرين اڏام 18 اپريل تي رواني ٿيندي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پي آءِ اي حج کان اڳ آپريشن جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. ذريعن موجب پي آءِ اي جو حج کان اڳ آپريشن 18 اپريل کان شروع ٿيندو ۽ 21 مئي تائين جاري رهندو. پهرين مرحلي ۾ پي آءِ اي مديني ۽ جده لاءِ پروازون هلائيندي، جڏهن ته پي آءِ اي 202 پروازن ذريعي 60 هزار کان وڌيڪ حاجين کي حجاز مقدس منتقل ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن سال سرڪاري حج اسڪيم ذريعي 49 هزار ۽ خانگي حج اسڪيم ذريعي 11 هزار سفر ڪندا. پي آءِ اي اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، سيالڪوٽ، ڪوئيٽا، فيصل آباد ۽ ملتان کان سڌيون پروازون هلائيندي، جڏهن ته پي آءِ اي 30 مئي کان پوسٽ حج آپريشن شروع ڪندي ۽ 30 جون تائين جاري رهندي. پي آءِ اي حج آپريشن ۾ بوئنگ 777 ۽ ايئربس 320 جهاز هلائيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو