سپريم ليڊر ساٿين سميت شهيد، 3 آمريڪي ۽ 9 اسرائيلي مارجي ويا
Protests in Iran
Missile attack in Israel

سپريم ليڊر ساٿين سميت شهيد، 3 آمريڪي ۽ 9 اسرائيلي مارجي ويا

تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينٽڪام چيو آهي ته ايران خلاف حملن ۾ 3 فوجي مارجي ويا آهن ۽ 5 زخمي آهي.  آچر ڏينهن اسرائيل ۽ ايران هڪٻئي تي حملا ڪيا آهن، اسرائيل جي شهر بيت شميش ۾ ميزائل لڳڻ سبب 9 اسرائيلي مارجي ويا آهن. بي بي سي طبي عملي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته تباهه عمارت جي ملبي مان جڏهن لاشن ۽ زخمين کي ڪڍون پيا ته ميزائيل اسانجي مٿان گذري رهيا هئا. ايران آمريڪا جي ايئر ڪرافٽ ڪيريئر تي به ميزائيل حملا ڪيا آهن. اسرائيل ۾ ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون آهن. ايراني ميڊيا ٻڌايو آهي ته گرلز اسڪول تي ٿيل اسرائيلي حملن ۾ فوتين جو انگ 153 ٿي ويو آهي.

ڪويت اپڊيٽ

بي بي سي موجب ڪويت جي سرڪاري ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته 97 ميزائيل ۽ 283 ڊرونز فضا ۾ تباهه ڪيا ويا آهن، ملبي سبب هڪ ماڻهو فوت ۽ 32 زخمي ٿيا آهن.

گڏيل عرب امارات

سرڪاري طور جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته 167 ميزائيل ۽ 541 ڊرونز ايران فائر ڪيا آهن، جن کي يو اي اي جي دفاعي نظام هينڊل ڪيو آهي. دفاع واري وزارت موجب ٻن ڪنٽينرز کي باهه لڳي. السلام نيول بيس جي ويئر هائوس تي به حملو ٿيو آهي. ايراني حملن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 38 زخمي ٿيا آهن.

ان کان اڳ ايران جي سرڪاري ميڊيا ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي، ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب آيت الله خامنه اي ڇنڇر ڏينهن آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويا، ۽ سپريم ليڊر کي سندس آفيس ۾ شهيد ڪيو ويو، ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب، سپريم ليڊر جي وفات کان پوءِ ايران ۾ 7 ڏينهن جي موڪل ۽ 40 ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. الجزيره موجب ايران، اسرائيل جي مختلف شهرن ۽ عرب ملڪن ۾ واقع  27 آمريڪي اڏن تي حملا ڪيا آهن، جيڪي سعودي عرب، بحرين، اردن، عمان، ڪويت، قطر، عراق ۽ گڏيل عرب امارات ۾ واقع آهن.

اسرائيل اعلان ڪيو آهي ته وزير دفاع عزيز نصير زاده، سيڪورٽي معاملن جو مشير علي شامخاني ۽ پاسدارن انقلاب جو ڪمانڊر محمد پاڪپور به مارجي ويا آهن.آچر تي ايران ٻيهر بحرين، گڏيل عرب امارات، ڪويت ۽ قطر ۾ واقع آمريڪي اڏن تي ميزائيل ۽ ڊرون فائر ڪيا آهن. بي بي سي موجب انهن ملڪن ۾ ڌماڪن جا اطلاع آهن. چئني متاثر ۽ ايران جي پاڙيسري ملڪن جي حڪومتن ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ دعوا ڪئي آهي ته ايران جي سمورن ڊرونز ۽ ميزائلن کي فضا ۾ ئي تباهه ڪيو ويو پر ڪجهه جاين تي ملبو ڪريو آهي.ايران جي خابرو ايجنسي ارنا چيو آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ 60 حملا ٿيا آهن جن ۾ 201 ماڻهو مارجي ويا آهن. ٻئي پاسي اي ايف پي اسرائيل جي فوجي ترجمان جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي 40 ايراني فوجي ڪمانڊرن جي مارجڻ جي دعوا ڪئي آهي. ٻئي پاسي اسرائيل صحت واري وزارت چيو آهي ته ايراني حملن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 86 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.آيت الله خامنه اي 1989 کان ايران جو سپريم ليڊر هو، ۽ سندس وفات کان پوءِ آيت الله خميني جي جاءِ تي آيو.ايران جي سرڪاري ميڊيا پڻ اسرائيلي ۽ آمريڪي حملي ۾ سپريم ليڊر خامنه اي جي ڌيءَ ۽ پوٽي جي شهادت جي تصديق ڪئي. ايران جي سرڪاري ميڊيا چيو ته آيت الله خامنه اي جو پٽ ۽ ڌيءَ پڻ حملن ۾ شهيد ٿي ويا.،ان کان اڳ، اسرائيلي ميڊيا چيو هو ته ايراني سپريم ليڊر پنهنجن ساٿين سان گڏ هڪ زير زمين بنڪر ۾ هو جڏهن آيت الله علي خامنه اي جي ڪمپائونڊ تي 30 بم ڪيرايا ويا.ايراني سپريم ليڊر پنهنجن ڪيترن ئي ساٿين سان گڏ مارجي ويو.اسرائيلي ميڊيا چيو هو ته آمريڪي صدر کي آيت الله علي خامنه اي جي لاش جي تصوير ڏيکاري وئي.ان دوران برطانوي ميڊيا پڻ اسرائيلي عملدارن جو حوالو ڏيندي چيو ته خامنه اي جو لاش مليو آهي.اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي وڊيو بيان ۾ پڻ چيو ته اهڙا اشارا مليا آهن ته ايراني سپريم ليڊر خامنه اي هاڻي زنده نه آهي، پر خامنه اي جي موت جي تصديق نه ٿي هئي.انهن چيو ته ايراني انقلابي گارڊ ڪور جا ڪمانڊر پڻ مارجي ويا آهن، خامنه اي جو ڪمپائونڊ تباهه ٿي ويو آهي، اعليٰ ايٽمي اهلڪار پڻ مارجي ويا آهن، ۽ ايندڙ ڏينهن ۾، دهشتگرد حڪومت جي هزارين وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻائيندا.

دبئي ايئرپورٽ تي ميزائل حملي ۾ 4 زخمي

دبئي ايئرپورٽ تي ايراني ميزائل حملي ۾ چار ماڻهو زخمي ٿيا آهن.دبئي ميڊيا آفيس دبئي ايئرپورٽ تي حملي جي تصديق ڪئي آهي.ڪجهه وقت اڳ، اماراتي وزارت داخلا ميزائل حملي جي حوالي سان هڪ نئون الرٽ جاري ڪيو.اماراتي وزارت داخلا رهائشين جي موبائل فونن تي سيڪيورٽي الرٽ موڪليو ۽ انهن کي فوري طور تي پناهه گاهه ڏانهن وڃڻ لاءِ چيو.

تل ابيب ۾ اسرائيلي دفاع وزارت جي عمارت تي ايران جو ميزائل حملو

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران تل ابيب ۾ اسرائيلي وزارت دفاع جي عمارت تي ميزائل حملو ڪيو آهي.عرب ميڊيا موجب، ميزائل حملي کان پوءِ تل ابيب ۾ ڪيترين ئي عمارتن ۾ باهه لڳي وئي.اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته ميزائل حملي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 21 زخمي ٿيا.ٻئي طرف، آمريڪي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته ايران حملي ۾ اڳڀرائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ وٽ حملي کان سواءِ ڪو به آپشن نه هو. ايران ٻيهر عرب ملڪن ۾ واقع آمريڪي اڏن تي ميزائيل ۽ ڊرون حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن. صدر ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته ايران جيڪڏهن مزاحمت بند نه ڪئي ته مٿس احڙا حملا ڪنداسين جن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي.

گڏيل قومن پاران ايران خلاف آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت جي مذمت

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ايران خلاف آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن جو چارٽر سڀني ميمبر ملڪن کي سيڪيورٽي جي ضمانت فراهم ڪري ٿو.سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي انتونيو گوتريس چيو ته ايران خلاف آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت قابل مذمت آهي.هن چيو ته ايران جو جواب سڄي خطي ۾ پکڙجي رهيو آهي، پرامن حل کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي.انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته ايران تي حملن ۽ ايراني جوابي ڪارروائي سان عالمي امن خطري ۾ پئجي ويو آهي، سڀني ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي اچڻ گهرجي.

يو اي اي جي گهرو وزارت شهرين کي فوري طور تي پناهگاهن ۾ وڃڻ جي هدايت

يو اي اي جي گهرو وزارت ميزائل حملي جي حوالي سان هڪ نئون الرٽ جاري ڪيو آهي.يو اي اي جي گهرو وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته شهرين جي موبائل فونن تي سيڪيورٽي الرٽ موڪليو ويو آهي.يو اي اي جي گهرو وزارت چيو آهي ته رهواسين کي فوري طور تي پناهه گاهه ڏانهن وڃڻ گهرجي.

آمريڪا ۽ اسرائيل جو مقصد ايران کي ورهائڻ ۽ لُٽڻ آهي: علي لاريجاني

ايران جي قومي سلامتي ڪائونسل جي سربراهه علي لاريجاني اعلان ڪيو آهي ته اڄ هڪ عارضي قيادت ڪائونسل قائم ڪئي ويندي.هن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران کي لُٽڻ ۽ منتشر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ۽ جيڪڏهن عليحدگي پسند گروهه انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندا ته سخت جواب ڏنو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل ايران کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسرائيلي حڪومت وڏن ملڪن کي ورهائي پنهنجي بقا کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿي، آمريڪا ۽ صهيونسٽ حڪومت ايراني عوام جي دلين کي ساڙي ڇڏيو آهي، ۽ اسان انهن جي دلين کي به ساڙي ڇڏينداسين.علي لاريجاني چيو ته علي خامنه اي ڏکئي وقت ۾ به سادي زندگي گذارڻ تي زور ڏنو. جڏهن به نوآبادياتي طاقتون ڪنهن ملڪ ۾ داخل ٿينديون آهن ته مقصد وسيلن کي لُٽڻ هوندو آهي. آمريڪا ۾ اقتدار ۾ ويٺل شخص ڦرلٽ جي هن ذهنيت جي مڪمل علامت آهي.

نئين اڳواڻ جي چونڊ تائين عارضي ڪائونسل معاملا سنڀاليندي: ايران

عبوري ڪائونسل ايران جي نئين سپريم ليڊر جي چونڊ تائين قيادت جي معاملن جو چارج سنڀاليندي.ماهرن جي اسيمبلي جي ترجمان موجب، ايراني ماهرن جي اسيمبلي مرحوم آيت الله خامنه اي جي جانشين جي چونڊ ڪندي.ايراني ميڊيا موجب، عبوري ڪائونسل، جنهن ۾ صدر، چيف جسٽس ۽ گارڊين ڪائونسل مان هڪ قانون دان شامل آهن، سڀ قيادت جا فرض سنڀاليندي، اهو فيصلو سپريم ليڊر جي خالي ٿيڻ يا غير فعال ٿيڻ جي صورت ۾ آئيني شقن جي تحت ڪيو ويندو.

برگيڊيئر جنرل احمد واحدي پاسداران انقلاب جو نئون ڪمانڊر ان چيف مقرر

برگيڊيئر جنرل احمد وحيدي کي انقلابي گارڊز جو نئون ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو ويو آهي.اسرائيلين دعويٰ ڪئي ته انهن ايران تي حملي ۾ انقلابي گارڊز جي سربراهه کي ماريو، پر ايراني اختيارين طرفان سندس موت جي تصديق نه ڪئي وئي.

ايران جي پٺيءَ ۾ ڇُرو هنيو ويو، روس پاران حملا جارحيت قرار

روس آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملن کي جارحيت قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سلامتي ڪونسل جي هنگامي اجلاس ۾ روسي سفير آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملن کي جارحيت قرار ڏيندي چيو ته جارحيت ڪري ايران جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو ويو. ايران جي خلاف لڳايل سمورا آمريڪي الزام بي بنياد آهن.روسي سفير چيو ته عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي(آئي اي اي اي) ڪڏهن به اهو ناهي چيو ته ايران ايٽمي هٿيار ٺاهي رهيو آهي.  عراق جنگ جي لاءِ به بي بنياد دعويٰ ڪئي وئي هئي. ڳالهيون ڪندڙ ايران جي شهرين تي حملي جي يورپي ملڪ مذمت نه ڪري رهيا آهن.روسي سفير اهو به چيو ته ايران جي معاملي تي دنيا کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. ٻئي طرف سلامتي ڪونسل ۾ فرانس چيو ته ايران  پنهنجون عالمي ذميواريون پوريون ڪري. خطي جي ملڪن تي ايران حملن جي مذمت ڪريون ٿا، ايران خطي ۾ عدم استحڪام جي پاليسي جاري رکي آهي، ايران بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تي ڳالهيون ڪري. انهي کان علاوه چيني سفير به شهرين تي حملن کان پاسو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ڇڪتاڻ کي فوري طور تي ختم ڪري ڳالهيون ڪيون وڃن.

اسرائيل جو هڪ ڏينهن ۾ ايران تي 1200 کان وڌيڪ بم ڪيرائڻ جو دعويٰ

اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته هن هڪ ئي ڏينهن ۾ ايران تي 1200 کان وڌيڪ بم ڪيرايا.عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي هوائي فوج چيو ته آمريڪا سان گڏيل ڪارروائي ۾، ايران ۾ مختلف هنڌن کي نشانو بڻايو ويو ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 1200 کان وڌيڪ گولا بارود استعمال ڪيو ويو.رپورٽن موجب، ڏکڻ ايراني صوبي هرمزگان جي شهر مناب ۾ ڇوڪرين جي هڪ پرائمري اسڪول تي پڻ حملو ڪيو ويو، جتي ٻارن سميت گهٽ ۾ گهٽ 148 ماڻهو مارجي ويا ۽ درجنين زخمي ٿيا.ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اسڪول تي حملي ۾ درجنين معصوم ٻار مارجي ويا ۽ هي ڪارروائي بي جواب نه ٿيندي.ايراني عملدارن موجب، متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن.

علي رضا عارضي سپريم ليڊر طور  ڪائونسل جو ميمبر مقرر

علي رضا عرفي کي عبوري ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو ايران جي سپريم ليڊر طور ڪم ڪندو.ايراني ميڊيا موجب، آيت الله علي رضا عرفي کي ليڊرشپ ڪائونسل جو فقيه مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو عارضي طور تي سپريم ليڊر طور ڪم ڪندو.ٽن ميمبرن واري ڪائونسل ۾ ايراني صدر حسن روحاني ۽ ايران جو چيف جسٽس پڻ شامل آهن.ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪائونسل ان وقت تائين ليڊر طور ڪم ڪندي جيستائين ماهرن جي اسيمبلي هڪ نئون سپريم ليڊر نه چونڊي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته علي رضا عرفي ماهرن جي اسيمبلي جو ڊپٽي چيئرمين ۽ گارڊين ڪائونسل جو اڳوڻو ميمبر آهي، جيڪو چونڊ اميدوارن ۽ پارلياماني قانونن جي جانچ ڪري ٿو. هو ايران جي مذهبي اسڪولن جو سربراهه پڻ آهي. هن وٽ انتظامي صلاحيتون آهن ۽ خامنه اي جي اعتماد وارن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي، پر سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ۾ سندس اثر محدود سمجهيو ويندو آهي.

خامنه اي جي قتل جو پلاند وٺڻ اسان جو فرض آهي: ايراني صدر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته سپريم ليڊر ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن جي قتل جو پلاند وٺڻ اسان جو فرض ۽ جائز حق آهي.پنهنجي تعزيتي بيان ۾ مسعود پزشڪيان چيو ته اسلامي جمهوريه ايران ان تاريخي ڏوهه جي ذميوارن ۽ ان جو حڪم ڏيندڙن کان پلاند وٺڻ کي پنهنجي ذميواري سمجهي ٿو، ايران ان مقصد لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ڪندو. هن چيو ته آيت الله خامنه اي جي شهادت مسلمانن خلاف جنگ جو اعلان آهي.

ايران سان جنگ ۾ 3 آمريڪي فوجي مارجي ويا: آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ

آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ اعلان ڪيو آهي ته ايران سان جاري جنگ دوران 3 آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن ۽ 5 سخت زخمي ٿيا آهن.ايران سان آمريڪا-اسرائيلي جنگ ۾ هي پهريون آمريڪي جاني نقصان آهي، سينٽرل ڪمانڊ موت ۽ زخمين بابت وڌيڪ تفصيل فراهم نه ڪيا.سينٽ ڪام جي مطابق، ڪجهه ٻين اهلڪارن کي معمولي زخم آيا آهن، جن ۾ شيل جي ٽڪرن مان زخم به شامل آهن، ۽ انهن کي ڊيوٽي تي واپس آڻڻ جو عمل جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو