يروشلم (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن وچ اوڀر جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ اسرائيل پهچي ويو آهي.اسرائيل پهچندي آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي انضمام کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندو، آمريڪي انتظاميه آمريڪا ۽ اسرائيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.آمريڪي ميڊيا موجب صدر جو بائيڊن پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران يروشلم ۾ اسرائيلي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو.آمريڪي صدر جمعي تي ويسٽ بئنڪ ۾ فلسطيني صدر محمود عباس سان به ملاقات ڪندو.اسرائيل کانپوءِ آمريڪي صدر جمعي تي سڌو سعودي عرب ويندو، هي بائيڊن جو آمريڪي صدر طور وچ اوڀر جو پهريون دورو آهي.










