حاڪم علي چانڊيو
دنيا هڪ خاموش پر خطرناڪ موڙ تي بيٺل آهي، جتي بم ڦاٽڻ کان اڳ بيانيا ٽڪرائجن ٿا، جتي ٽينڪ کان اڳ ڪرنسيون وڙهن ٿيون، ۽ جتي جنگ ميدان کان وڌيڪ بئنڪن، ميڊيا هائوسن ۽ سفارتي ميزن تي وڙهي پئي وڃي. آمريڪي بالادستي، جيڪا ڏهاڪن کان دنيا کي پنهنجي آڱرين تي نچائيندي آئي آهي، اڄ پهريون ڀيرو پنهنجي ڇانوَ ۾ لرزي رهي آهي. ڊالر، جيڪو رڳو ڪرنسي نه پر حڪم هو، اڄ سوالن جي گهيري ۾ آهي. IMF، World Bank ۽ پابندين جو نظام، جيڪو قومن کي گوڏا کوڙائڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، اڄ پاڻ دفاعي پوزيشن ۾ بيٺل نظر اچي ٿو.
چين، روس، ايران ۽ BRICS بلاڪ ڪنهن اوچتي انقلاب سان نه، پر صبر، واپار ۽ حڪمت سان آمريڪي اجاره داري کي چئلينج ڪري رهيا آهن. هي ڪو بندوق وارو انقلاب ناهي، هي حساب ڪتاب جو انقلاب آهي. تيل هاڻي صرف ڊالر ۾ نه وڪامندو، واپار هاڻي رڳو واشنگٽن جي مرضي سان نه هلندو، ۽ فيصلا هاڻي هڪ وائٽ هائوس ۾ نه لکبا. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا اڄ وڌيڪ بي چين آهي، وڌيڪ جارح آهي، ۽ وڌيڪ خطرناڪ ٿي رهيو آهي.
روس–يوڪرين جنگ صرف يوڪرين جي زمين تي ناهي، اها ڊالر ۽ متبادل نظام جي وچ ۾ جنگ آهي. غزه رڳو فلسطيني ٻارن جو قبرستان ناهي، اهو آمريڪي اخلاقي دعوائن جو به قبرستان آهي. جتي چين روڊ ۽ بندرگاهون ٺاهي ٿو، اتي آمريڪا فوجي اڏا ٺاهي ٿو. جتي نئون عالمي نظام واپار جي ڳالهه ڪري ٿو، اتي پراڻو نظام پابندين، بليڪ لسٽن ۽ بمباري جي ٻولي ڳالهائي ٿو.
آمريڪي بالادستي جو سڀ کان وڏو هٿيار فوج ناهي، ميڊيا آهي. اها ميڊيا جيڪا ظالم کي اتحادي ۽ مظلوم کي دهشتگرد سڏي ٿي. اها ميڊيا جيڪا غزه ۾ لاشن کي “نقصان” چوي ٿي ۽ يوڪرين ۾ لاشن کي “سانحو”. پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته بيانيا هميشه لاءِ قيد نٿا رهي سگهن. جڏهن بک، مهانگائي ۽ غلامي گڏ ٿين ٿا، تڏهن قومون سوال ڪرڻ سکن ٿيون.
نئون عالمي نظام ڪا جنت ناهي، پر اهو پراڻي غلامي کان انڪار ضرور آهي. هي دنيا جي طاقت جي ورڇ جو نئون نقشو آهي، جتي هر ملڪ آمريڪا کان اجازت وٺڻ کان سواءِ سوچڻ چاهي ٿو. خطرو اهو ناهي ته آمريڪا ڪمزور ٿي رهيو آهي، خطرو اهو آهي ته هو پنهنجي زوال کي قبول ڪرڻ بدران دنيا کي ساڙڻ لاءِ تيار ويٺو آهي.
سوال اهو ناهي ته آمريڪي بالادستي ختم ٿيندي يا نه، سوال اهو آهي ته ان جي خاتمي تائين دنيا ڪيترو رت ڏيندي. تاريخ جو اصول صاف آهي ڪو به سامراج سدائين ناهي رهيو. پر هر سامراج وڃڻ وقت ڌرتيءَ کي زخمي ضرور ڪري ٿو. دنيا اڄ انهيءَ زخمي دور مان گذري رهي آهي ۽ خاموشي، هن جنگ ۾، سڀ کان وڏو جرم آهي.
آمريڪا جو انجام ڪنهن هڪ ڏينهن ۾، ڪنهن هڪ جنگ سان يا ڪنهن هڪ فيصلي سان نه ٿيندو. سامراج سدائين بندوق سان نه، اندر کان سڙي مرندا آهن. آمريڪا اڄ انهيءَ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جتي دشمن سرحدن تي گهٽ ۽ نظام جي اندر وڌيڪ آهن. قرض، جيڪو ڪڏهن دنيا کي غلام بڻائڻ جو اوزار هو، اڄ خود آمريڪا جي ڳچيءَ ۾ رسي بڻجي ويو آهي. ٽريلين ڊالرن جو قرض، ڇپيل ڪرنسي، ۽ ڪمزور ٿيندڙ اعتماد هي سڀ ڪنهن بم کان وڌيڪ خطرناڪ آهن.
ڊالر، جيڪو ڪالهه تائين حڪم هو، اڄ سوال بڻجي ويو آهي. جڏهن ملڪ ڊالر کان سواءِ واپار ڪرڻ شروع ڪن ٿا، جڏهن تيل جا سود اڪائونٽن بدران معاهدن سان طئي ٿين ٿا، تڏهن سپر پاور جي ساهه ۾ رڪاوٽ پئجي ٿي. آمريڪا جي اصل طاقت فوجي اڏا نه، پر ڊالر هو ۽ جڏهن ڪرنسي ڪمزور ٿئي ٿي، تڏهن توپون به وزن وڃائي ڇڏين ٿيون.
اندروني طور آمريڪا هڪ ورهايل سماج بڻجي چڪو آهي. نسل پرستي، سياسي نفرت، ادارن تي بي اعتمادي، ۽ جمهوريت جو تماشو اهي سڀ نشان آهن زوال جا. ڪانگريس ۾ تڪرار، عدالتن تي سوال، ۽ چونڊن تي شڪ هي ڪا مضبوط سلطنت جي علامت ناهي. هي اها سلطنت آهي، جيڪا پنهنجي ئي آئين سان جنگ ڪري رهي آهي.
پر تاريخ خالي جاءِ پسند نٿي ڪري. جيڪڏهن هڪ طاقت پوئتي هٽي ٿي، ٻي اڳتي وڌي ٿي. سوال اهو ناهي ته آمريڪا ڪمزور ٿيندو يا نه، سوال اهو آهي ته ان جي جاءِ ڪير وٺندو؟
چين هن وقت سڀ کان سنجيده دعويدار آهي. هو نعرا گهٽ ۽ نقشا وڌيڪ ٺاهي ٿو. بندرگاهون، ريلوي لائينون، روڊ، واپار، ٽيڪنالاجي هي سڀ جديد سپر پاور جا اوزار آهن. چين بندوق سان نه، پر سيڙپڪاري سان ملڪ فتح ڪري رهيو آهي. هو جنگ شروع نٿو ڪري، پر نظام تبديل ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا چين کان سڀ کان وڌيڪ خوفزده آهي.
روس، ٻئي پاسي، فوجي طاقت ۽ توانائي سان پنهنجو وزن برقرار رکڻ چاهي ٿو. هو سپر پاور کان وڌيڪ “اسپائلر پاور” آهي. يعني جيڪو نظام کي ٽوڙي سگهي ٿو، پر شايد پاڻ نئون نظام اڪيلي سر نه ٺاهي سگهي. ايران، ترڪي ۽ ٻيا علائقائي رانديگر به هاڻي واشنگٽن جي حڪم جا پابند ناهن رهيا.
نئون عالمي نظام شايد ڪنهن هڪ ملڪ جي شڪل ۾ نه هجي. اهو شايد هڪ ملٽي پولر دنيا هجي جتي طاقت ورهايل هجي، جتي ڪو هڪ حڪم نه هلائي، ۽ جتي هر ملڪ کي ڳالهائڻ جو حق هجي. هي آمريڪا لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، ڇو ته سامراج برابري ۾ نه، بالادستي ۾ جيئندا آهن.
پر سڀ کان خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته آمريڪا پنهنجي زوال کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن سامراج وڃڻ کان انڪار ڪن ٿا، تڏهن جنگون جنم وٺن ٿيون. اڄ دنيا جنهن بيچيني، هٿيارن جي ڊوڙ ۽ ايٽمي ڌمڪين ۾ ڦاٿل آهي، اها ڪنهن حادثي جو نتيجو ناهي هي هڪ زوال پذير طاقت جي آخري ڇڪ آهي.
سوال هاڻي اهو ناهي ته ڪير سپر پاور ٿيندو. اصل سوال اهو آهي ته ڇا دنيا آمريڪا جي زوال کان اڳ پاڻ کي بچائي سگهندي؟ ڇا قومون آزاد سوچ اختيار ڪنديون يا نئين مالڪ جي ڳولا ۾ رهنديون؟ ڇا نئون نظام انصاف آڻيندو يا رڳو چهرا بدلائيندو؟
هڪ ڳالهه طئي آهي آمريڪا جو دور ختم ٿي رهيو آهي، پر سامراج جي سوچ اڃا زنده آهي. جيڪڏهن دنيا واقعي نئين نظام ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي، ته پوءِ رڳو طاقت نه، ضمير به تبديل ڪرڻو پوندو. نه ته تاريخ وري لکبي ۽ رت سان لکبي.










