’آمريڪا ۽ ايران جلد جنگبندي ڪري ڳالهيون شروع ڪن‘

’آمريڪا ۽ ايران جلد جنگبندي ڪري ڳالهيون شروع ڪن‘

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر ۽ عوامي جمهوريه چين جي پرڏيهي وزير، جناب وينگ يي ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي نائب وزيراعظم/پرڏيهي وزير سينيٽرمحمد اسحاق ڊار31 مارچ 2026 تي بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي ته جيئن خليج ۽ وچ اوڀر علائقي جي صورتحال جو جائزو وٺي سگهجي۔ ٻنهي پرڏيهي وزيرن 5 نقطن تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان جي پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان موجب:
فوري جنگبندي:چين ۽ پاڪستان فوري طور جنگي ڪارروائين کي روڪڻ ۽ تڪرار کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان بچائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششن جو سڏ ڏين ٿا۔ جنگ کان متاثر سڀني علائقن تائين انساني امداد جي پهچ کي يقيني بڻايو وڃي۔
جلد از جلد امن ڳالهين جي شروعات:
ايران ۽ خليجي ملڪن جي خودمختياري، علائقائي سالميت، قومي آزادي ۽ سلامتي جو تحفظ ڪيو وڃي۔ تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي واحد قابل عمل رستو آهي۔ چين ۽ پاڪستان لاڳاپيل ڌرين جي ڳالهين جي شروعات جي حمايت ڪن ٿا، جتي سڀ ڌريون تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو عزم ڪن ۽ امن ڳالهين دوران طاقت جي استعمال يا ان جي ڌمڪين کان پاسو ڪن۔
غير فوجي هدفن جي تحفظ:
فوجي تڪرارن دوران شهري آبادي جي تحفظ جي اصول تي عمل ڪيو وڃي۔ چين ۽ پاڪستان ڌرين کي اپيل ڪن ٿا ته فوري طور شهرين ۽ غير فوجي هدفن تي حملا بند ڪن، ۽ مڪمل طور تي بين الاقوامي انسانيت جي قانون (IHL) تي عمل ڪن۔ اهم ڍانچي جهڙوڪ توانائي، پاڻي صاف ڪرڻ (ڊي سيلينيشن)، بجلي گهرن ۽ پرامن ايٽمي سهولتن، جهڙوڪ ايٽمي بجلي گهرن تي حملا روڪيا وڃن۔
سامونڊي رستن جي سلامتي:
هرمز لنگهه ۽ ان جي ڀرپاسي جا پاڻي عالمي واپار ۽ توانائي لاءِ اهم سامونڊي رستو آهن۔ چين ۽ پاڪستان ڌرين کي اپيل ڪن ٿا ته هرمز لنگهه ۾ ڦاٿل جهازن ۽ انهن جي عملي جي سلامتي کي يقيني بڻايو وڃي، شهري ۽ واپاري جهازن کي جلد ۽ محفوظ گذرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ۽ جلد از جلد هن رستي تي عام آمدرفت بحال ڪئي وڃي۔
گڏيل قومن جي منشور جي بالادستي:
چين ۽ پاڪستان حقيقي گهڻ رخو تعاون (ملٽي لٽرلزم) کي فروغ ڏيڻ، گڏيل قومن جي مرڪزي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ، ۽ گڏيل قومن جي منشور ۽ بين الاقوامي قانون جي اصولن جي بنياد تي جامع امن جي فريم ورڪ جي قيام ۽ دائمي امن جي حصول لاءِ معاهدي جي حمايت ڪن ٿا۔

پهنجو تبصرو موڪليو