آصفه ڊرون ڪيمرا سبب زخمي 5 ٽاڪا لڳايا ويا

آصفه ڊرون ڪيمرا سبب زخمي 5 ٽاڪا لڳايا ويا

خانيوال(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري خانيوال ۾ حڪومت مخالف مارچ دوران ڊرون ڪيمرا جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي پئي، جنهن جي وڊيو ٽي وي چئنلز تي نشر ڪئي وئي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي ڀاءُ ۽ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ڪنٽينر تي بيٺي آهي ۽ جيئن ئي ڊرون ان جي ويجهو پهتو ته هن هٿ سان ان کي مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تيسين ڊرون جو پر سندس ساڄي پاسي نرڙ ۽ لوندڙي تي لڳي چڪو هو. کيس اسپتال نيو ويو جتي کيس پنج ٽاڪا لڳا. بلاول چيو ته اها جاچ ڪنداسين ته واقعو ڄاڻي واڻي ٿيو يا اتفاق آهي. بلاول چيو ته آصفه ڊاڪٽر ڏانهن نه پئي وڃڻ چاهي ۽ ڪنٽينر تي رهن گهريو پئي. هو بهادر ماءُ جي بهادر نياڻي آهي. بختاور ڀٽو سندس زخمي هئڻ واري تصوير شيئر ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو