لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سياسي طاقت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. آزاد حيثيت سان چونڊ کٽيندڙ وڌيڪ ٻن ميمبرن پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. تڪ اين اي 12 ڪوهستان تان آزاد ميمبر محمد ادريس ۽ تڪ پي پي 242 بهاوالنگر مان ڪاشف نويد پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ميان شهباز شريف سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ۽ (ن) ليگ جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف محمد ادريس ۽ ڪاشف نويد کي مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت تي مبارڪباد ڏنيون ۽ کيس ڀليڪار چيو










