اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم پاڻي جي ذخيرن جي تعمير لاءِ حڪمت عملي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ جلد ئي هڪ اهم اجلاس طلب ڪيو ويندو.وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي حڪم تي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اثرائتي پاليسي تيار ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي. پاليسي جو ورڪنگ پيپر سڀني صوبائي حڪومتن سان شيئر ڪيو ويندو.بيان موجب، وزيراعظم هنگامي صورتحال ختم ٿيندي ئي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ لاڳاپيل ادارن جا سربراهه شرڪت ڪندا، جڏهن ته آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ۽ گلگت بلتستان جو وڏو وزير پڻ دعوت ڏني ويندي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پاڻي جي ذخيرن جي تعمير لاءِ حڪمت عملي ٺاهي رهيو آهي. پاڻي جا ذخيرا سڀني صوبن جي مشاورت ۽ مڪمل هم آهنگي سان تعمير ڪيا ويندا.وزيراعظم چيو آهي ته موسمياتي تبديلي هڪ حقيقت آهي ۽ صرف اثرائتي تياري ذريعي ئي اسان قدرتي آفتن جي نقصان کان بچي سگهون ٿا.شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلي تي چئني صوبن، آزاد ڪشمير، جي بي ۽ وفاق کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، سڀني کي گڏجي ماڻهن کي موسمياتي تبديلي جي نقصانڪار اثرن کان بچائڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، هي هڪ قومي مسئلو آهي جنهن تي سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.










