آبادگارن کي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ٻج جي مد ۾ پئسا ڏيڻ جو فيصلو

آبادگارن کي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ٻج جي مد ۾ پئسا ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ جي زراعت بابت صلاحڪار منطوروساڻ جي صدارت ۾ کاتي جي نئي ۽ پراڻي هلندڙ زرعي اسڪيمن بابت اهم اجلاس ٿي گذريو. جنھن ۾ سيڪريٽري زراعت، ڪينڪمشنر،ڪاٽنڪمشنر، کاتي جي تمام ونگز جي ڊي جيز، ڊويزنلڊائريڪٽرز سميت لاڳاپيل آفيسر پڻ شريڪٿيا. اجلاس ۾زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ کي جاري ۽ نئي اسڪيمن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻوڏ متاثرن آبادگارن کي ڪڻڪ لاءِ في ايڪڙٻج جي رقم جي ادائيگي جي پروگرام بابت پيشرفت جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ۾کنڊ جي اسٽاڪ جي موجودگي بابت به جائزو ورتو ويو. سيڪريٽري زراعت اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته زراعت کاتي جي تمام ونگز جي 28 اسڪيمن مان 16 اسڪيمن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي, رھيل اسڪيمن کي به جلد مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ آفيسرن بريفنگ ڏينديٻڌايو ته سنڌ جي ٻوڏ متاثر آبادگارن کي ڪڻڪ جا في ايڪڙ 5 هزار روپيا ٻج جا پيسا فيبروري جي آخري ڏينهن ۾ فراهم ڪيا ويندا ۽ آبادگارن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رقم فراهم ڪئي ويندي.منظوروساڻ اجلاس ۾ آفيسرن کي ھدايت ڪئي ته ٿر ۾ آبادگارن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ سيمينارز سڏايا وڃن, جاري ۽ نئي تمام زرعي اسڪيمن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، ڪنهن به صورت ۾ڪوتاهي برداشت نه ڪبي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو