آئيڊيل جي ڳولا…!

آئيڊيل جي ڳولا…!

نصير ميمڻ
ويجهڙ ۾ هسٽارين وڌائوٽ بارڊرس (Historins without borders) وارو معاملو سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ رهيو. هاڻي جيئن ته اسان ان فورم کي ڇڏي چڪاسين، تنهنڪري ان سڄي معاملي تي لکڻ جو ڪو فائدو ناهي. ان بابت ڪرڻ لاءِ ته تمام گهڻيون ڳالهيون آهن، پر اسان وٽ مجموعي طور سهپ جو رويو ايڏو ڪمزور آهي، جو ان بحث کي اڳتي وڌائڻ ممڪن ناهي. سوشل ميڊيا تي ڪنهن ڇا لکيو، ان تي به نه ٿا وڃون، نه ته ان بابت به چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، پر مان سوشل ميڊيا تي ماڻهن سان بحث کان ڪجهه سببن جي ڪري پاسو ڪندو آهيان، تنهنڪري ان معاملي تي به ڪجهه نٿو لکڻ گهران. البته ان ڳالهه تي بحث ڪرڻ لاءِ هي مضمون لکان پيو ته سنڌ کي هڪ سنجيده ٿنڪ ٽينڪ يا انٽليڪچوئل فورم جي ڇو ضرورت آهي؟ ۽ هينئر تائين ان ڏس ۾ ڪيل ڪوششون لاڀائتيون ڇو نه ٿي سگهيون؟
ڪيترن ئي گهڻ گهرن اها صلاح ڏني ته اسان دوستن کي پنهنجو فورم ٺاهڻ گهرجي، جيڪو سنڌ لاءِ ڪم ڪري. سنڌ ۾ ان نوعيت جا فورم ٺاهڻ وارو ڪم وڏي عرصي کان ٿيندو رهيو آهي. گذريل صديءَ جي پڇاڙڪي اڌ ۾ ”سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي“ ۽ ”سنڌ ڊيموڪريٽس فورم“ جا نسبتن ڪامياب تجربا ٿيا، انهن هڪ حد تائين سٺا نتيجا ڏنا، پر وقت سان گڏ اهي فورم ختم ٿي ويا. انهن جي ختم ٿيڻ جي به الڳ الڳ ڪهاڻي آهي، جنهن تي انهن فورمن ۾سرگرم رهندڙ دوستن کي لکڻ گهرجي.
ويجهڙ وارن ورهين ۾ سنڌ اندر تبديلي پسند فورم، انڊس پيپلز فورم ۽ سنڌ دوست ويزن وڏي حد تائين سرگرم رهيا. انڊس پيپلز فورم ۽ سنڌ دوست ويزن ۾ مان شروع کان هئس ۽ آخر تائين سرگرم رهيس. اهي فورم به وقت سان ختم ٿي ويا، جن جا پڻ مختلف ڪارڻ آهن. ان کان سواءِ به ننڍا وڏا ڪجهه فورم ٺهيا جيڪي ڪو نمايان ڪردار ادا ڪري نه سگهيا. هڪ ٻه اهم فورم ٺهيا، عوام لاءِ پڌرا نه ٿيا ۽ ڪجهه مهينن اندر ختم ٿي ويا. اهڙن هڪ ٻن گروپن جو مان به حصو رهيس. ڪجهه فورم اهڙا به آهن جيڪي واٽس اپ گروپن جي شڪل ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا رهيا، پر ان کان اڳتي نه وڌي سگهيا. چوڻ جو مقصد ته ائين ناهي ته فورمن ٺاهڻ جون ڪوششون ناهن ٿيون. انهن درجن کن فورمن ۾ ٿورو يا گهڻو حصو رهڻ دوران جيڪي مشاهدا ٿيا، انهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. ان کان اڳ واضح ڪندو هلان ته مان ان نوعيت جي فورمن کي سياسي عمل جو ئي حصو سمجهان ٿو. هونءَ ته سياسي عمل جو سڀ کان اتم اظهار سياسي تنظيم آهي، پر ظاهر آهي ته سماج ۾ هر قسم جا ماڻهو جيئن ٿا جيڪي مختلف سببن جي ڪري سياسي تنظيم جو حصونه ٿا بڻجي سگهن، پر اهي سماج جي بهتريءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرن ٿا.
سياسي عمل جو دائرو نهايت وسيع هوندو آهي، تنهنڪري ان ۾ سماج جي مختلف ڪردارن لاءِ جڳهه موجود هوندي آهي. ذميوار ليکڪ، شاعر، صحافي، ٽيڪنوڪريٽ، وڪيل ۽ سماجي شعبن سان لاڳاپيل سمورا ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ سياسي عمل ۾ ڀائيوار هوندا آهن، تنهنڪري جيڪي دوست اها صلاح ڏين ٿا ته اهڙا فورم ٺاهڻ بجاءِ سياسي تنظيمن جو حصو ٿيڻ گهرجي، انهن کي سماج جي سمورين حقيقتن کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي. سڄي دنيا ۾ سياسي تنظيمن سان گڏ ان قسم جا مختلف فورم ڪم ڪندا آهن، ڇو ته سڀ ماڻهو سياسي تنظيمن جو حصو ناهن بڻجڻ چاهيندا. ائين ناهي ته اهي ڪي ڪمزور يا غير سنجيده ماڻهو هوندا آهن، پر پنهنجي حالتن ۽ مختلف سببن جي ڪري هو سڌو سنئون سياسي تنظيمن سان لاڳاپجي ناهن سگهندا. اهڙا سوين هزارين ماڻهو آهن جيڪي سماج جي ڀلي لاءِ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا. حقيقت ۾ ان قسم جا فورم توڙي فرد سياسي تنظيمن جا اهم واهرو هوندا آهن ۽ سندن ڪردار نهايت ڪارائتو هوندو آهي. انهن ماڻهن کي هن قسم جي پليٽ فارمن تان ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، جيڪي سياسي تنظيمن ۾ ڪم ڪن ٿا، اهي جس لهن.
هاڻي فورمن جي ڊگهي عرصي تائين نه هلي سگهڻ بابت پنهنجا ڪجهه مشاهدا ونڊڻ گهران ٿو. ذهن ۾ رهي ته اهي منهنجا مشاهدا آهن ۽ مختلف دوستن جا مشاهدا مختلف ٿي سگهن ٿا.
*اسان مان هر ڪنهن جي خواهش آهي ته اهڙن فورمن جي قيادت ڪندڙ ماڻهو سٺي ساک وارو، مامرن جي ساڃاهه رکندڙ، مختلف علمن تي دسترس رکندڙ، اظهار جي صلاحيت رکندڙ، سٺا رابطا رکندڙ، ڪم هلائڻ جيترا ذاتي وسيلا رکندڙ ۽ وقت ڏيندڙ هجي. هڪ ته اهڙيون سموريون خصلتون رکندڙ ماڻهو تمام ٿورا آهن، ٻيو ته اهو نه وسارڻ گهرجي ته اهي ماڻهو به اسان جي طبقي سان تعلق رکندڙ هجڻ سبب پنهنجي گذر سفر لاءِ ڪو ڪم ڪار به ڪندا هوندا، تنهنڪري اڪثر ڪري اهڙا موزون دوست اهڙن فورمن جي اڳواڻي ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن، ڪن کي نوڪري، ته ڪن کي گهريلو مجبوريون، اڳيان اچي وينديون آهن.
*هن قسم جي فورمن کان جنهن قسم جي ڪم جي توقع ڪئي ويندي آهي، اهو ڪو معمولي ناهي هوندو. سنجيده فورم، واٽس اپ گروپن جيان ناهن هوندا. انهن کان اميد رکي ويندي آهي ته اهي سنڌ جي ماليات، معدنيات، معيشت، پاڻي، انساني حقن، تاريخ جي حقيقتن، زمين، تعليم، صحت، پيئڻ جي پاڻي، عورتن جي حقن، يونيورسٽين جي صورتحال، سنڌي ٻولي، شهري سهولتن، ڌاري آبادي، انفرااسٽرڪچر سميت مسئلن جي هڪ ڊگهي لسٽ تي تحقيقي ڪم ڪري، سنڌ جو ڪيس ٺاهي، ملڪي ۽ عالمي ادارن تائين پهچائي. جيڪي ماڻهو تحقيق جي شعبي سان لاڳاپيل آهن، تن کي پتو هوندو ته انهن معاملن تي ڊيٽا هٿ ڪرڻ، ان جي سائنسي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، انهن تي دستاويز ٺاهڻ ڪو چرچو ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن نئين موضوع تي هڪ مضمون لکڻ لاءِ به سوين صفحا پڙهڻا ۽ سمجهڻا پوندا آهن. ايڏو وڏو تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ سکيا ورتل محقق، ريسرچ ٽيم، ريسرچ مواد ۽ گهڻو ڪجهه گهرجي. اهو ڪم سوشل ميڊيا جي پوسٽن جي ڀيٽ ۾ هزار ڀيرا وڌيڪ پورهئي ۽ ڌيان جو گهرجائو آهي. هر موضوع جي تحقيقي مهارت هڪ ٻن ماڻهن لاءِ ممڪن ناهي هوندي. هي ڪم چڱا موچارا مالي وسيلا ۽ وقت گهرن ٿا. سچي ڳالهه اها آهي ته جڏهن وسيلن جي ڳالهه ايندي آهي ته ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهن کي ڇڏي اڪثريت پنج سئو رپيا به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي هوندي. مان سوشل ميڊيا تي اهڙا فورم قائم ڪرڻ لاءِ لکندڙن مان ڪيترائي اهڙا دوست سڃاڻان جيڪي پهچ هوندي به اهڙن فورمن تي مالي سهائتا کان پاسيرا هوندا آهن، ڪن جي ته حقيقي مجبوري هوندي آهي، پر پنهنجي حال آهر جيستائين مالي واهر نه ڪبي، هي فورم نه ٿا هلائي سگهجن. مون کي ذاتي تجربو آهي ته ان ڏس ۾ ذاتي ڪچهرين ۾ وڏيون ڳالهيون ڪندڙ ڪيترن ئي دوستن اهڙين اڳڀرائين لاءِ ڪابه مالي سهائتا ناهي ڪئي. انهن مان ڪيترائي دوست ڊنرز، بوتلن ۽ راڳ رنگ جي محفلن تي دل کولي خرچ ڪندا آهن، پر سنجيده ڪمن ۾ واهر کان پاسيرا هوندا آهن. اوهان اڪثر انهن واتان اهو جملو ٻڌندا ته اسان اهڙن فورمن تي گڏ هونداسين پر گڏ هجڻ جي معنيٰ رڳو ميٽنگن ۾ اچي ڳالهيون ڪرڻ کان اڳتي هجڻ گهرجي، جيڪو تمام ٿورا ماڻهو ڪن ٿا. فورمن کان ايڏي وڏي ذميواري ادا ڪرڻ جي اميد ڪجي پر انهن لاءِ وسيلن بابت ڪجهه به نه ڪجي ته پوءِ فورم ڪيئن هلندا. اسان سڀني جو حال ٿوري گهڻي فرق سان ساڳيو آهي، جيڪي مهيني جي آخري هفتي ۾ پگهار جا بچيل پيسا ۽ رهيل ڏينهن ساريندا آهيون. باقي جيڪي مالي طور پختا دوست آهن، انهن جي گهڻائي سٺيون دعوتون ڪري فوٽو رکڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکي ٿي، سنجيده ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
*جڏهن فورم نسبتن غير تڪراري مسئلن جهڙوڪ معيشت، غربت، تعليم، ماحوليات، صحت وغيره جهڙن معاملن تي ڪم ڪن ٿا، انهن کي ڪي ڏکيائيون پيش نه ٿيون اچن، پر انهن کان اڳتي وڌي جڏهن سنڌ جي جاگرافيائي وحدت، انساني حقن، سياسي ڪارڪنن جي قانوني حقن، مذهبي ٿوراين سان زيادتين، پاڻيءَ جي حق وغيره جهڙن معاملن تي ڪم ڪجي ٿو ته مختلف قسم جي دٻائن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو، ڪيترائي دوست اهڙن وقتن تي پٺيان پير ڪري ٿا وڃن ۽ وري مناسب وقت تي سوشل ميڊيا تي اهڙا فورم قائم ڪرڻ جا مشورا به ڏين ٿا.
*هن قسم جي فورمن جي ٺهڻ وقت هڪ مخصوص حلقو ناڪاري پروپيگنڊا ۾ شروع ٿي وڃي ٿو. ڪي نه ڪي ناڪاري سوال اٿاري فورمن کي ڪجهه ڪرڻ کان اڳ ئي تڪراري بڻايو ٿو وڃي. ظاهر آهي ته اهي فورم فرشتا نه پر هن ئي سماج جا عيبدار انسان هلائيندا، انهن ۾ هر ماڻهوءَ جي ذات سان ڪو نه ڪو ناڪاري يا ڪمزور پاسو به لاڳاپيل هوندو. اصولي طور غير تڪراري ۽ مڪمل طور ساکائتو ماڻهو ملڻ ناممڪن آهي. تازي بحث دوران به ڪجهه دوستن جي صلاح هئي ته غير تڪراري ماڻهن تي ٻڌل فورم هجي. تجربو ٻڌائي ٿو ته جيڪر ماڻهو متحرڪ هوندو، ان جي ذات سان ڪي نه ڪي تڪراري پاسا ضرور لاڳاپيل هوندا. پنهنجي اوسي پاسي ۾ نظر ڦيرائي ڳولا ڪريو ته اوهان کي هڪ ئي وقت اهل، ايماندار، سچار ۽ غير تڪراري جي وصف تي پورا لهندڙ ڪيترا ماڻهو نظر ٿا اچن، جيڪي ان قسم جي ڪم ۾ اڳڀرا ٿيڻ لاءِ تيار به هجن. ڪيترائي پاڻمرادو فرشته سيرت ٿيل ماڻهو سوشل ميڊيا تي ويهي سڄو ڏينهن ٻين تي لفظن جا تيرا وسائڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. سوشل ميڊيا ٽائيگرن جو هڪ وڏو لشڪر آهي، جيڪي عملي طور ڪوبه ڪردار ادا نه ٿا ڪن. ظاهر آهي سنجيده ڪم ۾ پورهيو ڪرڻو پوي ٿو، ڪجهه جوکم به کڻڻو پوي ٿو، نوڪرين ۽ ٺيڪن لاءِ خطرو پيدا ٿئي ٿو ۽ هڙان وڙان خرچ به ڪرڻو پوي ٿو. مٿان وري لائيڪس جو بٽڻ به ڪير نه ٿو دٻائي. سوشل ميڊيا تي ڪم سولو لڳو پيو آهي، ڪنهن نه ڪنهن جي مٿان فتوا جاري ڪريو، پاڻ صوبيدارن جا هٿ ڌوئرائيندو رهو ۽ ٻين جي ڪردار ماپڻ لاءِ هر وقت فوٽ پٽي کڻي بيٺا هجو، سرڪار کان ٺيڪا ۽ مراعتون به وٺو، نالي ۾ وڏا سنڌ دوست به هجو ۽ جيڪو ڪم ڪرڻ لاءِ سنڀري ان تي پوسٽن وسيلي گند اڇلي ٻه ٽي سئو لائيڪس شام تائين ڪٺا ڪري وٺو! ان رويي وارن جي چڱي ڀلي فهرست آهي پر اها مخلوق سمجهائن کان گهڻي اڳتي نڪتل آهي، ان سان بحث وقت جو زيان آهي. سوشل ميڊيا جي سستي شهرت چڱن ڀلن ماڻهن جا رويا سطحي ڪري ڇڏيا آهن، ان قسم جي روين سبب نيڪ نيت ماڻهو به ڪجهه ڪرڻ کان لنوائڻ لڳا آهن.
*سنڌ جي سياسي مسئلن جي حوالي سان اهڙيون اڳڀرايون ڪندڙ ماڻهن لاءِ ڪجهه خاص ٺپا تيار ڪيا ويا آهن، مثال طور عام تهمت اها آهي ته ”اهي اسٽيبلشمينٽ لاٿا آهن“، ان روايتي جملي جي ورجاءَ کي ايترو عام ڪيو ويو آهي جو ماڻهن کي اندازو ئي ناهي ته اسٽيبلشمينٽ کي سنڌ جي انهن مٺ جيترن متحرڪ ماڻهن مان ڪو ايڏو ڀئه ناهي جو انهن کي ڳوليندا وتن. اسٽيبلشمينٽ جو ملڪ تي نهايت جامع قبضو آهي ۽ ان وٽ سنڌ کي مريضيءَ سان هلائڻ لاءِ هڪ وڏي سگهاري ڌر موجود آهي، ان کي ايڏي پريشاني ناهي ته اٺن ڏهن ليکڪن جي پٺيان ايڏي ولوڙ ڪري، تنهنڪري جيڪي ماڻهو ڪجهه ڪرڻ گهرن ٿا، انهن تي ڀروسو ڪجي ۽ پوءِ انهن مان جيڪو ان مقصد کي پٺي ڏئي پنهنجي مفادن جي پٺيان هليو وڃي، ان کان رستا الڳ ڪري باقي ميدان تي بيٺل ماڻهن جو ساٿ ڏجي. سماج ۾ هر قسم جا ماڻهو هوندا آهن پر ناڪاري مفروضي سان هر ماڻهوءَ تي تهمت لڳائڻ سان ڪير به اڳيان ٿيڻ کان پاسو ڪندو.
هن وقت خطي توڙي ملڪي سطح تي صورتحال اڳي کان اوکي ٿي رهي آهي. سنڌ جي جاگرافيائي وحدت سان هٿ چراند بابت روز ڳالهيون نه پر عملي طور هوم ورڪ ٿي رهيو آهي. ”هرموز“ واري سبق کان پوءِ ساحلي شهرن لاءِ رٿابنديون ٻئي نموني ٿينديون. معدني وسيلن جا معاملا هاڻي مقامي ناهن رهيا. چئلينجز جي گنڀيرتا اڳي کان وڌيڪ سنگين شڪل ۾ آهي، هن قسم جي فورمز جو ڪردار روايتي ڪچهرين گروپن جي شڪل ۾ نتيجا نه ڏيندو. عالمي فورمن، عالمي اسٽيبلشمينٽ، ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان اسان جون سوشل ميڊيا جون پوسٽون ڪم نه ڪري سگهنديون. سياسي ڌرين ۽ سياسي نوعيت جو ڪم ڪندڙ فورمن جو ڪردار نهايت اهم آهي، هڪ اهم سوال اهو آهي ته اهي آئيڊيل ماڻهو ڪٿان آڻجن جيڪي ايڏي وڏي سطح جي ڪمن ڪرڻ جي صلاحيت به رکن، اڳواڻي ڪرڻ لاءِ به تيار هجن ۽ انهن سمورن عيبن کان آجا هجن جن جي فهرست سوشل ميڊيا تان نشر ٿيندي رهي ٿي.
هي سڀ عملي چئلينجز آهن پر ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته اهڙي ڪنهن پليٽ فارم ٺاهڻ جون ڪوششون ترڪ ڪري ڇڏجن. مختلف سنڌ دوست فردن کي ان ڏس ۾ اڳڀرايون جاري رکڻ گهرجن. سماجي ارتقا جي سفر ۾ اهي سڀ تجربا ۽ نتيجا اڳتي وڌندڙن لاءِ رهنمائيءَ جو ڪردار ادا ڪندا آهن، سنڌ کي پنهنجي روشن آئيندي لاءِ ان جدوجهد کي جاري رکڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو