آئيسڪو، گيپڪو ۽ فيسڪو جا شيئر وڪڻڻ جو فيصلو

آئيسڪو، گيپڪو ۽ فيسڪو جا شيئر وڪڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت آئيسڪو، گيپڪو ۽ فيسڪو ۾ 50 کان 100 سيڪڙو شيئرز وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ بجلي جي شعبي تي ڪابينا جي نجڪاري ڪميٽي جي اجلاس ۾ آئيسڪو، گيپڪو ۽ فيسڪو جي نجڪاري سان لاڳاپيل معاملن جو جائزو ورتو ويو.اجلاس جي اعلان موجب، ڪميٽي ٽنهي ڊسڪوز جي ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر جي منظوري ڏني، جنهن مطابق ان هر ڊسڪوز جي 50 سيڪڙو کان 100 سيڪڙو شيئر ڪيپيٽل وڪڻڻ جي آڇ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هر ڊسڪوز جو شيئر ڪيپيٽل انتظامي ڪنٽرول ۽ ڪابينا جي منظوري سان مشروط هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو