ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس جاويد عالم اوڍو ميهڙ شهر مان ٽن اسڪولي/ڪاليج جي شاگردياڻين جي مبينا طور گم ٿيڻ واري سنگين واقعي جو فوري نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. آءِ جي سنڌ لاڳاپيل پوليس اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي فوري جاچ ڪئي وڃي ۽ گم ٿيل شاگردياڻين کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي سندن وارثن حوالي ڪيو وڃي.پوليس کي علائقي ۾ سيڪيورٽي ۽ نگراني وڌيڪ سخت ڪرڻ جا پڻ حڪم ڏنا ويا آهن ته جيئن اهڙن واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي.ياد رهي ته ڀٽائي ڪالوني واسي ٽي شاگردياڻيون پراسرار نموني گم ٿي ويون آهن جنهن جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.










