آءِ بي سي سي پاران ڊگرين جي تصديق لاءِ ڊجيٽائيز نظام متعارف

آءِ بي سي سي پاران ڊگرين جي تصديق لاءِ ڊجيٽائيز نظام متعارف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن يعني (اءِ بي سي سي) سڄي ملڪ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊ جي سرٽيفڪيٽس جي تصديق لاءِ ڊجيٽلائيز نظام متعارف ڪري ڇڏيو آهي، اڳ ۾ سندن جي تصديق سيل بند لفافن ذريعي ڪئي ويندي هئي، جيڪو ختم ڪري هاڻي ان عمل کي مڪمل طور ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. سڄي ملڪ جي 29 بورڊز جو ڊجيٽلائيزڊ نظام 16 فيبروري کان فعال ٿي ويندو. هن نظام ۾ ڪو به شاگرد پنهنجي سند جي تصديق لاءِ آءِ بي سي سي، جي ڊجيٽل پورٽل تي ڊيٽا شيئرنگ ڪندو ۽ خود ڪار نظام ڊيٽا جي جاچ پڙتال بعد ان جي تصديق ڪندو. آءِ بي سي سي جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر غلام علي ملاح ميڊيا کي ٻڌايو ته نئين ڊجيٽل نظام سان شاگردن کي آسان ۽ شفاف نظام جي سهولت ملندي، سفر نه ڪرڻو پوندو، خرچ گهٽبو، وقت بچندو ۽ ڪرپشن وغيره ختم ٿي ويندي. غلام علي ملاح چيو ته هي عمل وزيراعطم شهباز شريف جي اِي گورننس واري پاليسي جي تڪميل طرف هڪ اهم قدم آهي. هن ٻڌايو ته مهر بند لفافن ۾ ڪڏهن ڪڏهن سندون ڪوڙيون به نڪرنديون هيون جن جي تصديق لاڳاپيل بورد نه ڪندا هئا ۽ شاگردن کي ڌڪا کائڻا پوندا هئا. هن چيو ته جن بورڊز وٽ اڳ ۾ ئي ڊجيٽل پورٽل موجود هئا ان کي اي پي آءِ جي مدد سان آ3 بي سي سي جي پورٽل سان ڳنڍيو ويندو ۽ جيئن ئي ڪو شاگرد لاڳاپيل بورڊ جي پورٽل تي ڊيٽا اپلوڊ ڪندو اها تصديق لاءِ خود بخود آءِ بي سي سي جي پورٽل تي اپلوڊ ٿي ويندي ۽ مهر بند لفافي ۾ شاگرد کي اها آڻڻي نه پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو