ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ نوڪري جي بهاني عورت سان زيادتي جي ڪيس ۾ جوابدار عاقب جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، وڪيل موجب جوابدار عاقب هڪ رڪشا ڊرائيور آهي جيڪو نوڪري جي بهاني عورت کي مکيه جوابدار جي گهر وٺي ويو، مدعي جي وڪيل موجب متاثره جي ماءُ الزام هيٺ آيل ٽائون پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪرايو هو.










