عرب صحرا تي ڇانئيل ڏک ۽ درد جا ڪڪر

عرب صحرا تي ڇانئيل ڏک ۽ درد جا ڪڪر

ليکڪ: اياز امير
آمريڪين وچ اوڀر ۾ به ڪهڙي نه صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي!
پنهنجو ته نقصان ڪيائون ئي، پر پنهنجن عرب اتحادي ملڪن کي به ڪٿي جو نه ڇڏيو.
وڏو اتحادي ته سعودي عرب هو ۽ ان سان جيڪو هڪ قسم جو سمجهوتو 1945ع ۾ طئي ٿيو هو، اهو آمريڪي صدر فرينڪلن روزويلٽ ۽ سعودي عرب جي بادشاهه عبدالعزيز وچ ۾ ٿيو هو.
يالتا ڪانفرنس کان پوءِ سوئيز ڪئنال جي ويجهو هڪ آمريڪي جنگي جهاز تي اها تاريخي ملاقات ٿي هئي.
آمريڪي صدر جون نظرون سعودي تيل تي هيون، جڏهن ته سعودي حڪمران کي آمريڪي تحفظ گهربل هو. يعني هڪ طرف تيل ۽ ٻئي طرف تحفظ جي ضمانت.
ان وقت کان وٺي اڄ تائين آمريڪا ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن جو بنياد اهو غيرلکيل سمجهوتو رهيو آهي. آمريڪا جو ڪارنامو اهو آهي ته ايران تي حملو ڪري هن اهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، جو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اها باهمي سمجهه هوا ۾ اڏامي وئي آهي.
يمن ۾ حوثين جي اڳڀرائي کان پوءِ سعودي عرب تي اهو واضح ٿي ويو آهي ته ڏکي وقت ۾ آمريڪي واعدن جي ڪا اهميت ناهي.
انصارالله يا حوثين جي اڳڀرائي شروع ٿي ۽ سعودي عرب جي حمايت يافته فوجون پوئتي هٽڻ لڳيون ته گذريل خميس ڏينهن سعودي ولي عهد ٻه ڀيرا صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فون ڪري مدد جي اپيل ڪئي، پر جواب ۾ رڳو ٽال مٽول ڪئي وئي.
سعودي ولي عهد تي ڇا گذري هوندي!
جڏهن گذريل سال صدر ٽرمپ قطر، گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب جو دورو ڪيو هو ته ڇا عرب سربراهن سندس مٿان سڀ ڪجهه نڇاور نه ڪيو هو؟
انهن سربراهن جون صدر ٽرمپ سان ڪيتريون ئي اميدون وابسته هيون. ۽ هاڻي جنهن کي پنهنجو محافظ ۽ مهربان سمجهي رهيا هئا، ان ئي انهن لاءِ تباهيءَ جو سامان ڪيئن پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
اهي سڀئي سربراهه ڇا سوچي رهيا هوندا؟
سعودي عرب لاءِ اها صورتحال بلڪل نئين آهي. آبنائي هرمز بند آهي ۽ اتان سعودي تيل ٻاهر نڪري نه رهيو آهي. سعودين متبادل رستو ملڪ جي ٻئي پاسي ينبع بندرگاهه تائين ٺاهيو هو.
هڪ وڏي پائپ لائن وڇائي وئي آهي، جنهن کي ايسٽ-ويسٽ پائپ لائن چيو وڃي ٿو. هن پائپ لائن تي حملا ٿيا آهن، جنهن سبب سڄي فراهمي بند ٿي وئي آهي.
شروعات ۾ چيو پئي ويو ته مرمت ۾ ڪجهه ڏينهن لڳندا. هاڻي معاملو ان کان گهڻو اڳتي وڌي ويو آهي.
گذريل 30 سالن دوران سعودي تيل جي برآمد جو مقدار پنهنجي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويو آهي ۽ عالمي قيمتون وڌي ويون آهن.
جڏهن آمريڪا هن جنگ دوران ايران تي هزارين حملا ڪيا آهن، ته سعودي عرب جي ڏکي وقت ۾ ڪجهه حملا ان لاءِ به ڪري ڇڏين ها.
پر وائيٽ هائوس هڪ قسم جو صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته اوهان وٽ هٿيار تمام گهڻا آهن، اوهان کي پاڻ ڪجهه ڪرڻ گهرجي.
هاڻي سوال رهي ٿو ٽه ڌري دفاعي معاهدي جو، جنهن تي سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان صحيحون ڪيون آهن.
پردي پٺيان ڪا ڳالهه ٻولهه هلي رهي هجي ته ان بابت ظاهر آهي ته ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.
پر هيل تائين منظرعام تي اهڙي ڪا ڳالهه سامهون نه آئي آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ته ٽه ڌري دفاعي معاهدي جي نتيجي ۾ انصارالله جي اڳڀرائي بابت ڪا سوچ ويچار ٿي آهي يا نه.
ايتري ڳالهه ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي رهي آهي ته هن مسئلي جو ڪو فوجي حل ناهي.
اتر يمن، جيڪو انصارالله جو مضبوط ڳڙهه آهي، جبلن ۽ پهاڙي علائقن تي مشتمل آهي، جتي ڪنهن به ٻاهرين فوجي طاقت لاءِ داخل ٿيڻ ايترو آسان ناهي.
مصر جي جمال عبدالناصر 1962ع ۾ اتر يمن ۾ مصري فوج موڪلي هئي، جنهن ۾ مصري فوج کي تمام گهڻو نقصان ٿيو هو.
هي سعودي عرب جي حمايت يافته يمن جي حڪومت جي تمام وڏي غلطي هئي ته جولاءِ ۾ صنعا ايئرپورٽ تي حملو ڪري ڇڏيو، اهو به ان وقت جڏهن انصارالله جو هڪ وفد آيت الله خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت ڪري صنعا واپس اچي رهيو هو.
موجوده ويڙهه اتي کان شروع ٿي. بهرحال، ماضي ۾ به آمريڪا انصارالله تي هوائي حملا ڪري ڏسي چڪو آهي.
ٻن مهينن جي بمباريءَ ۾ آمريڪا جا هڪ ارب ڊالرن جا هٿيار هوا ۾ تحليل ٿي ويا، پر انصارالله جو ڪجهه به نه بگڙيو.
ان کان اڳ سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات به يمن تي حملو ڪري چڪا آهن، پر انهن کي به ڪجهه حاصل نه ٿي سگهيو. ۽ هاڻي جيڪا صورتحال آهي، اها دنيا جي سامهون آهي.
سعودي عرب جو سڄو دارومدار ئي تيل تي آهي ۽ ان جي فراهمي جا ٻئي رستا بند ٿي ويا آهن. سعودي عرب جي نظر ۾ وڏو دشمن ايران هو.
مرحوم شاهه عبدالله صدر جارج بش کي چيو هو ته جيڪڏهن نانگ کي مارڻو هجي ته ان جي مٿي تي وار ڪرڻ گهرجي. سندس اشارو ايران ڏانهن هو.
پر هاڻي جيڪا تباهه ڪندڙ صورتحال پيدا ٿي آهي، اها ايران جي هٿان نه، پر آمريڪا جي ڪري پيدا ٿي آهي.
هن معاملي جو حل اهو آهي ته آمريڪا کي هڪ پاسي رکي سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ڪو سمجهوتو طئي ڪيو وڃي.
پر سعودي عرب جو آمريڪا تي جيڪو ايترو پراڻو انحصار رهيو آهي، ان کي الوداع چوڻ سعودي قيادت لاءِ ايترو آسان نه هوندو.
اهڙو انحصار نفسياتي ضرورت بڻجي ويندو آهي ۽ ان مان نڪرڻ آسان نه هوندو آهي. پر حل اهو ئي آهي.
سعودي عرب ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏا ته اڳ ئي ايراني ميزائلن سبب غيرفعال ٿي چڪا آهن.
انهن ۾ مقرر آمريڪي فوجي هاڻي هوٽلن ۾ رهڻ لڳا آهن.
جيستائين آمريڪي جنگي جهازن جو تعلق آهي، اهي سعودي عرب جي ڪنهن ڪم نه اچي سگهيا.
سعودي عرب جو تيل عالمي تيل جي قيمتن ۾ لاٿ چاڙهه جو سبب بڻبو هو، پر اڄ صورتحال اها آهي ته تيل جي فراهمي ئي بند پيل آهي.
آمريڪا سان ٿيل سمجهوتي مان سعودي عرب وڌيڪ ڇا حاصل ڪرڻ وارو هو؟ پر وري اها ئي ڳالهه آهي ته پراڻي عادت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ آسان نه هوندو آهي.
هن موڙ تي آمريڪا جو رويو به ڏسڻ گهرجي. سعودي عرب مصيبت ۾ ڦاٿل آهي ۽ آمريڪي اهڙي اطمينان سان ڳالهائي رهيا آهن، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي.
اهي وڏي اطمينان سان چئي رهيا آهن ته حوثين سان اسان جا رابطا قائم آهن ۽ اهي چئي رهيا آهن ته بندش جو اطلاق رڳو سعودي جهازن تي آهي.
صدر ٽرمپ موجب، ”اسان اهو معاملو سڌو ڪري وٺنداسين.“ انگريزيءَ ۾ هڪ محاورو آهي ته ڪنهن کي بس جي هيٺان اڇلائي ڇڏڻ.
هن وقت جيڪي تجزيا ٿي رهيا آهن، انهن ۾ اهو جملو به استعمال ٿي رهيو آهي ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنهنجي سڀ کان پراڻي اتحادي سان اهو سلوڪ ڪيو آهي.
پنهنجين ئي ڪمزورين سبب مسلم دنيا پاڻ کي ڪيترو نقصان پهچايو آهي!
عراق تي حملو ٿيو، سڀ چپ ويٺا رهيا. ڪجهه ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، مذمت ۾ به هڪ آواز نه اٿيو. ليبيا جي تباهيءَ جو سامان تيار ڪيو ويو، مسلمان چپ رهيا. مغربي طاقتن شام ۾ گڙٻڙ شروع ڪئي، مسلمان چپ رهيا.
غزه ۾ بربريت ڪالهه جي ڳالهه آهي، پر مخالفت ۾ مسلم ملڪ هڪ آڱر به نه کڻي سگهيا.
ايران تي پهريون حملو گذريل سال ٿيو ته سڀ چپ رهيا. هن سال فيبروري ۾ ايران تي جنگ مڙهي وئي ته سمورن سربراهن وري خاموشي اختيار ڪئي.
خليجي ملڪن کي مذمت ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، انهن سمورن ملڪن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏا ايران تي حملن لاءِ استعمال ٿيا.
اڄ اهي سڀئي ملڪ بي يار و مددگار هٿ ٻڌي حالتن کي ڏسي رهيا آهن. انهن سڀني جو دارومدار تيل ۽ گئس تي آهي، جن جي فراهمي هن جنگ سبب سخت متاثر ٿي آهي.
مورخ انهن واقعن بابت ڇا فيصلو ڏيندا؟
اسرائيل ۽ آمريڪا پنهنجن ناپاڪ مقصدن سان ايران تي چڙهائي ڪري آيا ۽ عملي طور مسلم دنيا تماشائي بڻيل رهي.
ڪجهه نه ڪري سگهڻ باوجود ايترو چوڻ جي همت ته ڪري سگهجي ها ته اسان جي سرزمين تي موجود فوجي اڏا ايران خلاف استعمال نه ڪيا وڃن.
جيڪڏهن ايترو به چيو وڃي ها ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها. پر اصل ڳالهه ته ريڙهه جي هڏي جي آهي؛ اها نه هجي ته دنيا جو سڄو تيل به آخر ڪهڙي ڪم جو؟

پهنجو تبصرو موڪليو