شورو جي اي ڊي بي  جي اختيارين سان اهم ملاقات،منصوبن تي ڳالهيون

شورو جي اي ڊي بي جي اختيارين سان اهم ملاقات،منصوبن تي ڳالهيون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير منصوبابندي، ترقيات ۽ آبپاشي ڄام خان شورو جي صدارت هيٺ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي اختيارين سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ زراعت، قدرتي وسيلن جي ترقي، پائيدار ترقياتي منصوبابندي بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.اجلاس ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي پرنسپل نيچرل ريسورسز اينڊ ايگريڪلچر اڪنامسٽ شنگو ڪيمورا، ايگريڪلچر اينڊ نيچرل ريسورسز آفيسر عمر سعيد سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.اجلاس دوران سنڌ جي زرعي شعبي جي ترقي، جديد زرعي مشينري ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ سان گڏ قدرتي وسيلن جي پائيدار استعمال تي غور ڪيو ويو. زرعي پيداوار ۾ واڌ، ويليو چينز کي مضبوط بڻائڻ ۽ آبادگارن کي بهتر مارڪيٽ رابطن جي فراهمي لاءِ اي ڊي بي جي سهڪار ۽ ممڪن قدمن جو پڻ جائزو ورتو ويو.ڄام خان شورو چيو ته سنڌ حڪومت زراعت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبي ۾ پائيدار ترقي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. حڪومت جو مقصد آبادگارن جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ، زرعي ويليو چينز کي مضبوط ڪرڻ ۽ کين بهتر مارڪيٽ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو