ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مير رضا قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ جوڊيشل ڪميشن پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي. جوڊيشل ڪميشن ڪارروائي بابت رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي پيش ڪندو. جسٽس عمر سيال جي سربراهي ۾ ڪميشن ڪارروائي مڪمل ڪئي، جڏهن ته رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ ڪميشن وٽ 15 آڪٽوبر تائين وقت آهي.جوڊيشل ڪميشن واقعي واري هنڌ جي دوري سميت مجموعي طور 15 اجلاس ڪيا. ٻئي طرف سي پي ايل سي جي نمائندي جوڊيشل ڪميشن آڏو بيان ڏيندي چيو ته مير رضا جو انٽرنيٽ شام 4 لڳي 25 منٽن تائين آن هو، جڏهن ته سندس موبائل فون تي 4 لڳي 10 منٽن کان 4 لڳي 20 منٽن دوران ميپ تائين رسائي ڪئي وئي هئي. هن ٻڌايو ته آءِ پي ايڊريسز بابت اين سي سي آءِ اي ۽ ايپل کي خط لکيا ويا آهن. ڪمپنيون آءِ پي ايڊريس ذريعي استعمال ٿيل نمبر جو پتو لڳائي سگهن ٿيون. ڪميشن جي سوال تي سي پي ايل سي جي نمائندي ٻڌايو ته مير رضا شام 4 لڳي 7 منٽن تي آن لائن ٽيڪسي ڊرائيور سان رابطو ڪيو هو. هن چيو ته ڪا به آئوٽ گوئنگ ڪال جو رڪارڊ موجود ناهي، جڏهن ته انٽرنيٽ ڪالنگ جو به ڪو رڪارڊ موجود نه هوندو. جيو فينسنگ دوران به ڪا مشڪوڪ سرگرمي رڪارڊ نه ٿي. وڪيل جبران ناصر جي سي سي ٽي وي بابت سوال تي سي پي ايل سي جي نمائندي ٻڌايو ته گلستان جوهر بلاڪ هڪ کان چار تائين سي پي ايل سي جا پنهنجا ڪيمرا لڳل آهن، جن مان مير رضا رڳو ٽن ڪيمرائن ۾ نظر آيو. هن چيو ته جتي واقعو پيش آيو، اهو علائقو ڪيمرائن جي ڪوريج کان ٿورو ٻاهر آهي، جڏهن ته وڊيوز ۾ گاڏين جا نمبر به نظر نه اچي سگهيا. سندس چوڻ هو ته موبائل فون تي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي وڊيو ۾ تبديلي آڻڻ ممڪن ناهي. واضح رهي ته جوڊيشل ڪميشن جي قيام جو نوٽيفڪيشن 24 آگسٽ تي جاري ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪميشن 27 آگسٽ تي ڪم شروع ڪيو هو. سنڌ جي گهرو کاتي ڪميشن کي هڪ مهيني اندر ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.










