گڊز  پاران  ڀاڙا وڌائڻ جو اشارو، ملڪ ۾ هڙتال جي به ڌمڪي

گڊز پاران ڀاڙا وڌائڻ جو اشارو، ملڪ ۾ هڙتال جي به ڌمڪي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ تي ڀاڙا وڌائڻ جو اشارو ڏيندي ٻيهر سموري ملڪ ۾ هڙتال جي به ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. صدر آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد ملڪ شهزاد اعواڻ وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾اضافي تي سخت رد عمل ڏيندي چيو ته وڌيڪ ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ گڊز ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌائينداسين.ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب اسان جا ٽرانسپورٽرز بيروزگار ٿي رهيا آهن. وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ روزاني جي بنياد تي تبديلي جو فيصلو قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي انهي ڪري اهو فيصلو فوري واپس ورتو وڃي.هن چيو ته اسان جي آگسٽ جي هڙتال ۾ پيٽروليم واري وزير روزاني جي بنياد تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي نه ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي غلط فيصلن سبب ڊسمبر ۽ آگسٽ ۾ سموري ملڪ ۾ هڙتال ڪئي هئي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي يقين ڏيارڻ تي اسان آگسٽ جي هڙتال 40 ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪئي هئي.ملڪ شهزاد اعواڻ واضح ڪيو ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن اسان سان ڪيل معاهدن تي عمل نه ڪيو ته سموري پاڪستان جا ٽرانسپورٽرز ٻيهر کان ملڪ گير هڙتال تي هوندا. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن 40 ڏينهن جو وقت گهريو هو اهو ايندڙ هفتي ختم ٿي رهيو آهي.صدر آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون گڊز ٽرانسپورٽرز کي رليف فراهم ڪن. ڊسمبر ۽ آگسٽ جي ملڪ گير هڙتال جي دوران وفاقي، صوبائي حڪومتن جيڪي اسان سان واعدا ڪيا هئا انهن تي مڪمل عمل ڪن. جيڪڏهن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو حڪومت جي مجبوري آهي ته ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ ٽول ٽيڪس سميت ٻين سمورن ٽيڪسز ۾ ٽرانسپورٽرز کي رليف ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو