اسلام آباد (بيورو رپورٽ): وزيراعظم جي مشير ۽ سينيٽر رانا ثناءُالله سينٽ ۾ اظهارِ خيال ڪندي چيو آهي ته حڪومت باني پي ٽي آءِ جي طبي معائني بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي خلوصِ نيت سان عمل ڪيو آهي. هن چيو ته شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ سان امن امان جو مسئلو پيدا ٿي سگهي پيو، ان ڪري ماهر ڊاڪٽرن پمز اسپتال ۾ ئي سندس مڪمل طبي معائنو ڪيو. رانا ثناءُالله پي ٽي آءِ پاران پريس ڪانفرنس ڪري عدالتي حڪم جو مذاق اڏائڻ جي مذمت ڪندي چيو ته صحت جي معاملن تي ڪڏهن به سياست ناهي ٿي ۽ نہ ئي ٿيندي.










