وڏي وزير کي 24 ڪلاڪن ۾ ڏوهن جي روڪٿام بابت رپورٽ پيش

وڏي وزير کي 24 ڪلاڪن ۾ ڏوهن جي روڪٿام بابت رپورٽ پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن بابت ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو رپورٽ پيش ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 111 واقعا رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ 44 موبائيل/نقد چوري جا واقعا، 2 ڪارون چوري، 7 موٽرسائيڪلون چوري ۽ 58 ٻيون چوريون شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٽي مقابلا ٿيا جنهن ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا جڏهن ته ٽن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. ستن اسٽريٽ ڪرمنلز/چورن کي واقعي واري هنڌان سوگهو ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽوٽل 153 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ 18 اسٽريٽ ڪرمنل/ ڦورو، 10 ڪار لفٽرز، 2 قاتل، هڪ ڀنگ عيوض اغوا، 14 ماڻهو غير قانوني هٿيار رکندڙ، 12 منشيات وڪرو ڪندڙ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث 97 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پوليس مختلف ڇاپن/آپريشن ۾ 14 غير قانوني هٿيار، 3 دستي بم، 2 ڪلوگرام چرس، 230 گرام آئيس، 18 چوري ٿيل موبائيل فونز ۽ 19 چوري ٿيل گاڏيون هٿ ڪيون جنهن ۾ هڪ ڪار ۽ 18 موٽرسائيڪلون شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو